ملڪ ۾ انٽرنيٽ سست رفتاري جو شڪار

پاڪستان ۾ انٽرنيٽ مسلسل سست رفتاري جو شڪار آهي ۽ آڪٽوبر جو پهريون هفتو گذرڻ باوجود انٽرنيٽ جي اسپيڊ بهتر ٿيڻ جي حڪومتي دعويٰ پوري ناهي ٿي سگهي.
انٽرنيٽ جي سست رفتاري پاڪستانين لاءِ مسلسل پريشاني جو سبب بڻجي رهي آهي، انٽرنيٽ يا ته بلڪل نٿي هلي يا انتهائي سلو هلي ٿي.
هلندڙ سال فيبروري کان هنيئر تائين واهپيدار انٽرنيٽ جي سست رفتاري واري مسئلي کي منهن ڏئي رهيا آهن.
پي ٽي اي گذريل مهيني انٽرنيٽ جي سست رفتاري جو سبب سمنڊ اندر ڪيبل جي خرابي کي قرار ڏيندي چيو هو ته ڪيبل جي خرابي آڪٽوبر جي شروع ۾ ٺيڪ ٿي ويندي پر گذريل پنجن، ڇهن ڏينهن کان انٽرنيٽ جي رفتار پهريان کان به گهٽجي وئي آهي.
ان کانسواءِ موبائيل فون سروس ڪهڙي به هجي ڊيٽا ذريعي انٽرنيٽ جو استعمال واهپيدارن لاءِ عذاب بڻيل آهي، جڏهن ته واهپيدارن کي انٽرنيٽ جي سلو ڊائون ۽ ايڪس جي بندش واري معاملي تي عدالتن مان به اڃا تائين رليف ناهي ملي سگهيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.