ايمازون جي باني جيف بيزوز دنيا جي امير ترين ماڻهن منجهان هڪ آهي جيڪو ٻه سئو نوَ ارب ڊالرز جي اثاثن جو مالڪ آهي.
جيف بيزوز پنهنجي جي ڪامياب ڪيريئرجي هڪ راز تان پردو کنيو آهي جيڪو سندس صبح جي هڪ معمول ۾ لڪل آهي.
جيف بيزوز جو چوڻ آهي ته ڏينهن جي شروعات ۾ شامل هڪ معمول سندس زندگي کي ڪامياب بڻائڻ ۾ مددگار ثابت ٿيو.
سندس چوڻ هو ته هو پرهه ڦٽي مهل گهر کان ٻاهر نڪري ويندو آهي، ان دوران هو هر قسم جي اسڪرينز کان پري رهندو آهي.
چيف بيزوز موجب، روز صبح جو پنڌ ڪرڻ سان سندس زندگي جي ڪاميابي جو هڪ راز آهي.
ايمازون باني 2018ع کان روز صبح جو پنڌ ڪري ٿو، سندس خيال آهي ته ان عمل سندس فيصلا سازي ۽ تعميري صلاحيتن کي بهتر بڻايو آهي.
سندس چوڻ هو ته اِهو ڏينهن جو اهڙو وقت هوندو آهي جڏهن هو اڪيلو هوندو آهي، ان ذريعي کيس سڄي ڏينهن جي اهم اجلاسن لاءِ ذهني طور تازو توانو رهڻ ۾ مدد ملندي آهي.
هن چيو ته رات جي ننڊ به سندس ڪاميابي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي، هو سوير سمهڻ ۽ سوير اُٿڻ جو عادي آهي.
پنهنجي هڪ ڪتاب ۾ ايمازون جي باني لکيو هو ته هو اٺ ڪلاڪ ننڊ ڪندو آهي ته جيئن بهتر سوچ ويچار سان گڏوگڏ وڌيڪ توانائي حاصل ٿئي، مزاج خوشگوار رهي.