طب جو نوبيل انعام ٻن آمريڪي سائنسدانن ماڻي ورتو

سال 2024 لاءِ طب جو نوبيل انعام آمريڪا سان واسطو رکندڙ ٻن سائنسدانن کي ڏيڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي.
کين اهو انعام انساني جسم ۾ جينياتي سرگرمين کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ خلين ۾ موجود هڪ اهم ميڪنزم جي دريافت تي ڏنو ويو آهي.
وڪٽر ايمبروز ۽ گيري رووڪن مائيڪرو آر اين اي ۽ ان جي افعال جي دريافت تي قدر جوڳو تحقيقي ڪم ڪيو، اهي ننڍڙا آر اين اي ماليڪيولز کي ڪنٽرول ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندا آهن.
نوبيل ڪميٽي طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو ته انهن سائنسدان جينز کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ هڪ مڪمل نئين ذريعي جو انڪشاف ڪيو.
وڪٽر ايمبروز هارورڊ يونيورسٽي طرفان ان تحقيق تي ڪم ڪيو هو ۽ هاڻ هو يونيورسٽي آف ميساچوسٽس ميڊيڪل اسڪول ۾ پروفيسر آف نيچرل سائنس طور ڪم ڪري رهيو آهي.
گيري رووڪن پنهنجي تحقيق ميساچوسٽس جنرل هاسپيٽل ۽ هارورڊ ميڊيڪل اسڪول طرفان ڪئي، جتي هو جينياتي شعبي جو پروفيسر آهي.
ٻنهي سائنسدانن ۾ 11 لک ڊالرن جي انعامي رقم به ورهائي ويندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.