هنيئر تائين سوشل ميڊيا نيٽ ورڪس جهڙوڪ ايڪس ( ٽوئيٽر ) يا فيسبڪ اڪائونٽس تي بليو ٽِڪ ڏنو ويندو آهي.
پر گوگل طرفان سرچ رزلٽس ۾ به بليو ٽِڪ وارو فيچر متعارف ڪرايو پيووڃي.
گوگل سرچ رزلٽس ۾ ڪجهه ويب سائيٽس جي اڳيان بليو ٽِڪ نظر اچي رهيو آهي جيڪو ويب سائيٽ جي مستند هئڻ جي تصديق ڪري ٿو.
واضح رهي ته گوگل سرچ دنيا جي سڀ کان وڏي انٽرنيٽ سرچ انجڻ آهي جنهن تي روزانو اربين سرچز ڪيا ويندا آهن.
پر اتي مستند ويب لنڪس تائين پهچ ايتري به سولي نه آهي پر ڪيئي دفعا واهپيدار نقصانڪار ويب سائيٽس تي هليا ويندا آهن.
اِهو ئي سبب آهي جو گوگل طرفان هاڻ سرچ نتيجن جي اڳيان بليو ٽِڪ جو واڌارو ڪيو پيو وڃي جيڪو ” ويريفاءِ “ لنڪ جو اشارو ڏيندو.
گوگل ترجمان ان خبر جي تصديق ڪئي آهي ته ڪمپني طرفان ڄاڻايل فيچر جي ٽيسٽنگ ڪئي پئي وڃي جيڪو تمام جلد سمورن واهپيدارن لاءِ متعارف ڪرايو ويندو.
ترجمان موجب، ڪمپني اڪثر نون فيچرز جو تجربو ڪندي رهندي آهي ته جيئن واهپيدار آن لائين اعتماد جوڳي ادارن جي سڃاڻپ ڪري سگهن، ان ڏس ۾ هڪ ننڍڙو تجربو ڪري رهيا آهي جنهن ۾ مخصوص لنڪس جي اڳيان بليو چيڪ مارڪ نظر ايندو.
في الحال بليو ٽِڪ تمام گهٽ ويب سائيٽس جهڙوڪ مائيڪرو سافٽ، ايپل ۽ ايمازون جي آفيشل سائٽس سان گڏ نظر اچي رهيو آهي.
گوگل طرفان بليو ٽِڪ جو استعمال جي ميل تي به مقبول برانڊز جي اي ميل ايڊريسز لاءِ ڪيو پيو وڃي، جي ميل ۾ ان فيچر جو مقصد واهپيدارن کي اِهو يقين ڏيارڻ آهي ته ڪهڙي اڪائونٽ طرفان موڪليل اي ميل مستند آهي، ڪهڙي ٺڳي يا فراڊ تي ٻڌل آهي.
You might also like