گهرو وزير جو چيني شهرين تي حملو ڪندڙن کي سخت جواب ڏيڻ جو اعلان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي چيو آهي ته ڪراچي ۾ چيني شهرين تي نه پر پاڪستان تي حملو ڪيو ويو، دشمن کي ان حملي جو سخت جواب ڏنو ويندو.
محسن نقوي اسلام آباد ۾ چيني سفارتخاني پهتو، جتي هن چيني سفير جيانگ ڊونگ سان ملاقات ڪئي.
گهرو وزير ڌماڪي ۾ چيني شهري مارجڻ تي افسوس جو اظهار ڪندي چيني سفير کي جاچ ۾ اڳڀرائي کان آگاهه ڪيو.
هن چيو ته ڏک جي گهڙي ۾ چيني حڪومت ۽ متاثر خاندانن سان گڏ آهيون، پاڪستاني قوم پنهنجي چيني ڀائرن سان ڏک ۾ برابر جي شريڪ آهي.
سندس چوڻ هو ته واقعي جي جاچ يقيني بڻائي سانحي ۾ ملوث عنصرن کي سخت سزا ڏني ويندي، پاڪ – چين دوستي تي حملو برداشت جوڳو ناهي.
محسن نقوي چيو ته پاڪستان جي ترقي لاءِ ڪم ڪندڙ چيني ڀائرن جي حفاظت پهرين ترجيح آهي، چيني شهرين تي حملي جي جيتري مذمت ڪئي وڃي گهٽ آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.