ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ ڦورو سولر پليٽن سان ڀريل ٽرڪ ڦري فرار ٿي ويا.
ڪراچي ۾ سپر هاءِ وي تي ڦورن سولر پليٽن سان ڀريل ٽرڪ ڦري ڊرائيور کي يرغمال بڻائي ورتو.
جوابدار ڊرائيور کي بدترين تشدد جو نشانو بڻائڻ کانپوءِ پورٽ قاسم ڀرسان ڦٽو ڪري ڇڏيو.
متاثر ڊرائيور شڪيل ٻڌايو ته 5 ڦورن مون کي سپر هاءِ وي تان يرغمال بڻايو ۽ اکين تي پٽي ٻڌي ڦٽو ڪيو.
هوڏانهن سکڻ ٿاڻي جي پوليس ٻڌايو ته سولر پليٽن سان ڀريل ٽرڪ هٿ اچي وئي آهي، جوابدارن کي سي سي ٽي وي فوٽيج جي مدد سان جلد گرفتار ڪيو ويندو.
You might also like