سنٿ جئه سوريا کي اهم ذميواري ملي وئي

ڪولمبو (ويب ڊيسڪ ) سريلنڪا ڪرڪيٽ اڳوڻي ڪپتان سنٿ جئه سوريا کي ٽيم جو هيڊ ڪوچ مقرر ڪري ڇڏيو.
سريلنڪا ڪرڪيٽ طرفان سنٿ جئه سوريا جي مقرريءَ جو باظابطا اعلان ڪيو ويو آهي.
سريلنڪا ڪرڪيٽ طرفان سنٿ جئه سوريا جي پهرين آڪٽوبر 2024ع کان 31 مارچ 2026ع تائين مقرريءَ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي.
سريلنڪا ڪرڪيٽ موجب، ايگزيڪٽيو ڪميٽي ٽيم جي سٺي ڪارڪردگي جي بنياد تي جئه سوريا جي مقرريءَ جو فيصلو ڪيو.
سريلنڪن ٽيم، ڀارت، انگلينڊ ۽ نيوزيلينڊ خلاف سيريز ۾ بهترين ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪيو، ان دوران جئه سوريا سريلنڪن ٽيم جي عارضي ڪوچ طور خدمتون انجام ڏئي رهيو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.