اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) قومي اسيمبلي اسپيڪر سني اتحاد ڪائونسل جي ايم اين اي سهيل سلطان جي نااهلي لاءِ اليڪشن ڪميشن کي ريفرنس موڪلي ڇڏيو.
قومي اسيمبلي اسپيڪر کي سني اتحاد ڪائونسل جي ايم اين اي سهيل سلطان خلاف ريفرنس وصول ٿيو هو، سهيل سلطان اين اي 4 سوات تان سني اتحاد ڪائونسل جو ايم اين اي آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته قومي اسيمبلي اسپيڪر سهيل سلطان کي نااهل قرار ڏيڻ لاءِ اليڪشن ڪميشن کي ريفرنس موڪلي ڇڏيو آهي.
ذريعن موجب ريفرنس سوات جي شهري نصرالله خان طرفان جمع ڪرايو ويو آهي، جنهن موجب سهيل سلطان پنهنجي سرڪاري ملازمت تي اليڪشن ڪميشن ۾ ڪوڙ ڳالهايو، هو اليڪشن کان اڳ ڊپٽي اٽارني جنرل خيبر پختونخواهه طور ڪم ڪندو رهيو.
ريفرنس ۾ چيو ويو آهي ته ڪو سرڪاري ملازم ملازمت ختم ٿيڻ کانپوءِ ٻن سالن تائين چونڊ نٿو وڙهي سگهي، ريفرنس تي فوري طور ڪارروائي ڪندي لاڳاپيل ميمبر کي نااهل قرار ڏنو وڃي.
Next Post
You might also like