گنڊاپور پاڻمرادو روپوش رهيو،هو وڪيٽ جي ٻنهي پاسن کان کيڏي ٿو:ڪنڊي

اسلام آباد (بيورو+م ڊ ) خيبرپختونخواهه جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي چيو آهي ته علي امين گنڊاپور ڪالهه کان پاڻمرادو روپوشي اختيار ڪئي آهي.پي ٽي آءِ احتجاج جي دوران مظاهرين جي تشدد سبب شهيد ٿيندڙ پوليس اهلڪار جي جنازي نماز ادا ڪرڻ کان پوءِ صحافين سان ڳالهيون ڪندي فيصل ڪريم ڪنڊي چيو ته ڪالهه هڪ جٿو آيو هو جيڪو پرامن هجڻ جي دعويٰ ڪري رهيو هو.هن چيو ته پي ٽي آءِ جي هڪ ئي ايجنڊا ملڪ دشمني آهي، هي ايس اي او اجلاس کي ملتوي ڪرائڻ لاءِ ملڪ دشمن ايجنڊا تي ڪم ڪري رهيا آهن. هنن ڀارت جي وزيراعظم کي پاڪستان اچڻ جي پڻ دعوت ڏني.فيصل ڪريم ڪنڊي چيو ته علي امين جي پاڻمرادو روپوشي کي حڪومت جي کاتي ۾ وجهڻ جي ناڪام ڪوشش ٿي رهي آهي جيڪڏهن هو گرفتار  ٿيو آهي ته انهي جا ثبوت ڏيو، گنڊاپور ڊگي ۾ فرار ٿي خيبرپختونخواهه جي نڪ ڪٽرائي ڇڏي. هن وڌيڪ چيو ته گنڊاپور وڪيٽ جي ٻنهي طرفن کان کيڏي رهيو آهي هنن جي پوري ڪوشش آهي ته عمران خان آزاد نه ٿئي. خيبرپختونخواهه اسيمبلي جو اجلاس گهرائي ڊرامو ڪيو پيو وڃي. فيصل ڪريم ڪنڊي چيو ته هن وقت منهنجو صوبو باهه جي راند کيڏي رهيو آهي، وڏي وزير کي خبر ئي ناهي، حڪومت امن وامان قائم ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي چڪي آهي. خيبرپختونخواهه ۾ صرف ڪرپشن ٿي رهي آهي هنن جي جلوسن ۾ دهشتگردن کي آندو ويندو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.