گنڊاپور جي ڪي پي هائوس مان فرار ٿيڻ جي وڊيو موجود آهي\محسن نقوي

اسلام آباد(م ڊ) گهرو وزير محسن نقوي جو چوڻ آهي ته وڏي وزير علي امين گنڊاپور کي ڪنهن ايجنسي گرفتار ناهي ڪيو، ڪي پي هائوس مان فرار ٿيڻ جي وڊيو به موجود آهي. ڊي چوڪ تي پي ٽي آءِ جي احتجاج دوران شهيد ٿيل پوليس اهلڪار جي جنازي نماز کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي گهرو وزير محسن نقوي چيو ته پوليس اهلڪارن مان هڪ جي حالت نازڪ هئي، هن شهادت ماڻي ورتي آهي، اهلڪار جي شهادت ۾ ملوث ڪنهن کي به نه بخشيو ويندو. علي امين گنڊا جي گرفتاري بابت پڇيل سوال تي محسن نقوي چيو ته ڪي پي جو وڏو وزير اسان جي حراست ۾ ناهي، علي امين ڪنهن به اداري جي حراست ۾ ناهي، علي امين ڪي پي هائوس ۾ موجود ناهي، هو اتان ڀڄي ويو. علي امين پاڻ ڀڄي ويو. گنڊاپور لاءِ اسان 2-3 ڇاپا هنيا، اسان کي شڪ هو ته هو اتي هوندو پر هو اتي نه هو، خبر ناهي علي امين ڪي پي پهچي ويو يا نه، علي امين ڪي پي هائوس مان فرار ٿيڻ جا فوٽيج موجود آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.