اسلام آباد(منيب فاروق) علي امين گنڊاپور کي سبق سيکارڻ لاءِ ”ڪٿي“ ويهاريو ويو ، ان کان اڳ به جيڪو احتجاج ٿيو هو ان ۾ به کيس ”ڪوهسار“ واري آفيس ۾ ويهاري سمجهايو ويو هو،اسلام آباد وارو احتجاج ختم ٿي ويو، ان کان اڳ به جيڪي احتجاج ٿيا انهن ۾ به ڏنڊا هڻي احتجاج ختم ڪرايو ويو، پي ٽي آءِ اندر هاڻي جهيڙو شروع ٿي ويو آهي، ايجنسين عاليه حمزا جي فون ٽيپ ڪري ليڪ ڪري ڇڏي آهي، عاليه حمزا جو چوڻ هو ته اسان جي ماڻهن سان زيادتي ٿي ۽ ايم پي ايز مان ڪو به مون کي نظر نه آيو مان ته پنهنجي ماڻهن سان گڏ بيٺل هونديس،هن چيو ته مينار پاڪستان تي قيادت مان ڪير سامهون هو؟ رڳو اسان جو ورڪر وڙهيو آهي، ڪو به ليڊر وڙهيو ناهي، لاهور ۾ جيڪو ٿيو اهو اپ سيٽنگ هو، ذريعن موجب بئريسٽر سيف ۽ ٻين اڳواڻن جي اسٽريٽجڪ گروپ اجلاس ۾ تلخ ڪلامي ٿي آهي، بئريسٽر سيف کان ڀارتي وزير جي شنڪر کي احتجاج ۾ شرڪت جي دعوت ڏيڻ واري بيان تي وضاحت طلب ڪئي وئي،هاڻي مسلم ليگ ن کي اهو چوڻ جو موقعو ملي ويو ته پي ٽي آءِ وارا ڀارت جي سرپرستي ۾ اهو ڪن پيا، جڏهن ته اسلام آباد ۾ جيڪو ٿيو ان سان پاڪستان جو چهرو وڌيڪ خراب ٿيو.
نوٽ: هي تجزيو، روزاني عوامي آواز، سومر 07 آڪٽوبر 2024ع تي شايع ٿيو