انگلينڊ خلاف پهرين ٽيسٽ لاءِ پاڪستاني پليئنگ اليون جو اعلان

ملتان (ويب ڊيسڪ) انگلينڊ خلاف پهرين ٽيسٽ ميچ لاءِ پاڪستان پليئنگ اليون جو اعلان ڪري ڇڏيو.
قومي ٽيم جي پليئنگ اليون ۾ ڪپتان شان مسعود، سعود شڪيل، بابر اعظم، صائم ايوب، عبدالله شفيق، محمد رضوان، سلمان علي آغا، عامر جمال، شاهين آفريدي، نسيم شاهه ۽ ابرار احمد شامل آهن.
واضح رهي ته پاڪستان ۽ انگلينڊ وچ ۾ 3 ٽيسٽ ميچن تي ٻڌل سيريز جي پهرين ميچ سڀاڻي کان ملتان ۾ شروع ٿيندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.