”بدترين ڪارڪردگي تي ميڊل ڇو ڏنا ؟“ نيوزيلينڊ هٿان شڪست تي ڀارت ۾ ٻڙڌڪ

مبئي (ويب ڊيسڪ ) وومينز ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ دوران نيوزيلينڊ هٿان بدترين شڪست تي ڊريسنگ روم ۾ مڊل ورهائڻ تي ڀارتي ڪپتان، پليئرز ۽ مئنيجمينٽ تي تنقيد ٿي رهي آهي.
گذريل رات دبئي ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ نيوزيلينڊ ڀارت کي هڪ طرفي مقابلي کانپوءِ 58 رنسن تان شڪست ڏئي ميگا ايونٽ ۾ فتح سان شروعات ڪئي.
ميچ دوران ڀارتي فيلڊرز طرفان ڪيئي ڪيچ ڊراپ ڪيا ويا، خراب ڪارڪردگي ۽ فلاپ بيٽنگ کانپوءِ ڊريسنگ روم ۾ رانديگرن جو مورال بلند ڪرڻ لاءِ بهترين فيلڊنگ تي جمائمه روڊريگس کي ميڊل سان نوازيوويو جنهن تي مداح تپي باهه ٿي ويا ۽ ٽيم تي تنقيد جا تير وسايا.
ڪپتان هرمن پريت ڪور طرفان جمائمه کي ميڊل ڏنو ويو جنهن جي وڊيو سوشل ميڊيا تي جاري ڪئي وئي، جنهن تي مداح سوال اُٿاريو ته بدترين ڪارڪردگي ڏيکاريندڙن کي ايوارڊ ڇو پيا ڏنا وڃن؟
ڪيويز هٿان وڏي مارجن تان شڪست کانپوءِ گروپ اسٽيج ۾ ڀارتي ٽيم آخري پوزيشن تي موجود آهي، جڏهن ته سيمي فائنل تائين پهچڻ لاءِ ڀارتي ٽيم کي باقي سمورين ميچن ۾ ڪاميابي حاصل ڪرڻي پوندي.
ٻئي پاسي ڀارتي ٽيم سڀاڻي روايتي مخالف پاڪستان سان مهاڏو اٽڪائيندي جتي پاڪستان ايونٽ جي پهرين ميچ ۾ فتح ماڻي پنهنجي پوزيشن مضبوط ڪري ورتي آهي، جڏهن ته ڀارتي ٽيم ابتدائي ميچ ۾ شڪست کانپوءِ دٻاءُ ۾ هوندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.