شهرين جي فون ڪالز رڪارڊ ڪرڻ وارو مامرو، عدالت مان اهم خبر اچي وئي

لاهور (ويب ڊيسڪ ) لاهور هاءِ ڪورٽ حساس ادرن کي شهرين جي فون ڪالز رڪارڊ ڪرڻ جي اجازت ڏيڻ خلاف درخواست ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪري ڇڏي آهي.
لاهور هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس عاليا نيلم جي سربراهي ۾ ٽي رڪني فل بئنچ ڏهه آڪٽوبر تي درخواست تي ٻڌڻي ڪندي.
واضح رهي ته ايڊووڪيٽ اظهر صديق حساس ادارن کي فون ڪالز رڪارڊ ڪرڻ جي اجازت ڏيڻ واري وفاقي حڪومت جي نوٽيفڪيشن کي چئلينج ڪيو هو.
لاهور هاءِ ڪورٽ جي فل بئنچ ڪيس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ يا سپريم ڪورٽ ۾ ٻڌڻي هيٺ هئڻ جو رڪارڊ پڻ طلب ڪري ورتو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.