”انتهائي قدم کڻڻ تي مجبور نه ڪيو وڃي“ گهرو وزير جي گنڊاپور کي وارننگ

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ ) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي چيو آهي خيبرپختونخوا جو وڏو وزير وڌيڪ لائين پار نه ڪري ۽ اسان کي انتهائي قدم کڻڻ تي مجبور نه ڪيو وڃي.
اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي محسن نقوي چيو ته تحريڪ انصاف جي ٽولن ۾ هٿيار آڻڻ جي تجويز ڏني وئي آهي، سموري صورتحال جو ذميوار علي امين گنڊاپور آهي.
سندس چوڻ هو ته ڪي پي جي وڏي وزير کي سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي پر سندس ارادا ڪجهه ٻيا آهن، علي امين گنڊاپور چاهي ها ته ڳالهيون ٿي سگهن پيون.
وفاقي گهرو وزير محسن نقوي چيو ته احتجاج ۾ افغان شهري ڪيئن آيا؟، 48 ڪلاڪن ۾ 120 افغان شهرين کي گرفتار ڪيو ويو آهي، تحريڪ انصاف جي مظاهرن ۾ افغان شهرين جي موجودگي ڳڻتي جوڳي آهي، هڪ طرف حملو ۽ هڪ طرف ڳالهيون نٿيون ٿي سگهن.
هن چيو ته احتجاج ڪندڙن جو مقصد رڳو شنگهائي سهڪار ڪانفرنس کي نقصان پهچائڻ آهي، هو وڌ کان وڌ نفري کي گڏ ڪري رهيا آهن، ايس سي او ڪانفرنس کي متاثر ٿيڻ نه ڏنو ويندو.
وفاقي گهرو وزير محسن نقوي چيو ته تحريڪ انصاف وارن چيو هو ته ڪنهن ملڪيت کي نقصان نه پهچائيندا پر پي ٽي آءِ وارا سڀ ڪجهه ڪري رهيا آهن، کين حملو ڪرڻ جي قيمت ادا ڪرڻي پوندي.
هن وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن وڌيڪ لائن پار ڪئي وئي ته سخت ڪارروائي ڪئي ويندي، هنن وٽ هٿيار آهن، اهلڪارن وٽ هٿيار ناهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.