”وڏي وزير گنڊاپور جي اڳواڻي ۾ احتجاج رياست خلاف بغاوت آهي“

اسلام آباد (تجزيو: رزاق کٽي) 26ھين آئيني ترميم کي پاس ڪرائڻ کان روڪڻ لاءِ پختون خواھ جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور جي سربراھي ۾ وفاقي گادي واري شھر اسلام آباد جي ڊي چوڪ ۾ ڌرڻي لاءِ قافلو اچي رھيو آھي. ھن عمل کي جيڪڏھن وفاق خلاف صوبي جي بغاوت چئجي ته وڌاءَ نه ٿيندو . خاص ڪري ان وقت جڏھن ملائيشيا جو وزيراعظم ٽن ڏينھن جي دوري تي ھجي ۽ پرڏيھي وزارت 12 آڪٽوبر تي ٿيندڙ شنگھائي سهڪار تنظيم جي تيارين جي آخري مرحلي ۾ ھجي، 12 ملڪن جا پاڪستان ۾ موجود سفارتخانا تيارين ۾ رُڌل ھجن، اھڙي وقت ۾ حڪومت ڪوبه اھڙو خطرو کڻڻ لاءِ تيار ناھي، جيڪو ھن ڪانفرنس کي سبوتاز ڪري. ھن وقت گادي وارو شھر اسلام آباد ، ”ڪنٽينر آباد“ ۾ تبديل ٿي ويو آھي. اسلام آباد ۽ پنجاب ۾ داخل ٿيڻ وارا سمورا رستا بند ڪيا ويا  آھن. پشاور کان اسلام آباد جي وچ ۾ موٽر وي کي کوٽي گنڊاپور جي قافلي کي روڪڻ لاءِ ڪوششون ڪيون ويون آھن. گنڊا پور صوبي  جي سرڪاري وسيلن سميت اسلام آباد ڏينھن اچي رھيو آھي، ھنن وٽ گئس ماسڪ ۽ ڪنٽينر ھٽائڻ واريون مشينون آھن. ان کان اڳ ۾ پرويز خٽڪ، صوبي جو وزيراعلي ھو، ان جي دور ۾ به ائين ئي ٿيو ھو .ھن سڄي صورتحال جي پسمنظر ۾ وڃڻ کان اڳ ۾ پيش منظر کي سمجھڻ جي ضرروت آھي. سپريم ڪورٽ پاران آئين جي آرٽيڪل 63 اي بابت جيڪو فيصلو آيو آھي، ان ھڪ ڳالھه کي ته واضح ڪري ڇڏيو آھي ته ان فيصلي جو سڌو فائدو موجودھ حڪومت ۽ چيف جسٽس قاضي فائز عيسي کي ٿيو آھي. حڪومت ان فيصلي بعد ان پوزيشن ۾ اچي وئي آھي ته ھو مولانا فضل الرحمان جي محتاجي کان سواءِ ملڪ ۾ آئيني عدالت جي قيام ۽ چيف جسٽس ۽ ھاءِ ڪورٽ جي ججن جي عمر وڌائڻ سميت پنھنجي مرضي جي آئين ۾ ترميم ڪرائڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندي، پر شرط اھو آھي ته پي ٽي آءِ جا اھي ميمبر، جيڪي اليڪشن ڪميشن ۾ پنھنجي پارٽي وابستگي جي باري ۾ حلف نامو جمع ڪرائي چڪا آھن، پر ٽيڪنيڪلي طريقي موجب اليڪشن ڪميشن  وٽ انھن جي حيثيت آزاد آھي، اھي  ووٽ ڪندا ته 26 ھين آئيني ترميم منظور ٿي سگھندي. انھي ترميم کي روڪڻ لاءِ پي ٽي آءِ جي باني عمران خان جي اسلام آباد جي ڊي چوڪ تي ڌرڻي جي ڪال بعد جمع ڏينھن اسلام آباد ۾ ڪرفيو واري صورتحال ھئي. وفاقي حڪومت شھنگھائي تعاون تنظيم جي اجلاس کان 8 ڏينھن اڳ ۾ اسلام آباد ۾ سيڪيورٽي جي نالي تي فوج طلب ڪري ورتي آھي، پر پي ٽي آءِ،  جيڪا اسلام آباد ۾ ن ليگ کان وڌيڪ حمايت رکي ٿي، ان جا حامي رستن تي نڪري آيا، ۽ پوليس جي بي انتھا شيلنگ جي نتيجي ۾ بليو ايريا جي آس پاس گھرن اندر موجود رھائشين لاءِ ساھ کڻڻ مشڪل ٿي ويو ھو. مختلف ھنڌن تي جھڙپون سڄو ڏينھن جاري رھيون . خير! ھن سڄي صورتحال ۾ وفاقي حڪومت کي اندازو ناھي ته اھو معاملو گھڻا ڏينھن ھلندو، ڇا اڄ ڇنڇر واري ڏينھن تائين اسلام آباد ۾ زندگي جو معمول بحال ٿيندو يا شھر اڃا ڪيترا ڏينھن بند  رھندو ان باري ۾ في الحال ڪجھ چوڻ وقت کان اڳ ھوندو. ھن سڄي منظرنامي ۾ جيڪا اھم ڳالھ آھي، اھا ھي ته پي ٽي آءِ جو چيئرمين بيرسٽر گوھر گم رھيو، پر عمران خان جون ڀينرون اسلام آباد جي ڊي چوڪ تي  پھچي ويون.

نوٽ: هي تجزيو، روزاني عوامي آواز، ڇنڇر 05 آڪٽوبر 2024ع تي شايع ٿيو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.