پي ٽي آءِ طرفان علي امين گنڊاپور جي گرفتاري جي دعويٰ، سرڪاري ذريعن جي ترديد

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) خيبر پختونخواهه جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور کي اسلام آباد مان گرفتار ڪرڻ جا تضادي اطلاع آهن.
ذريعن جو چوڻ آهي ته آءِ جي اسلام آباد طرفان علي امين گنڊاپور کي حراست ۾ ورتو ويو، مٿس سرڪاري وسيلن جي غلط استعمال ۽ سرڪاري ملڪيتن کي نقصان پهچائڻ جا الزام آهن.
علي امين گنڊاپور کي حراست ۾ وٺڻ جا تضادي اطلاع سامهون آيا آهن ۽ تصديق ناهي ٿي سگهي ته کيس گرفتار ڪيو ويو آهي.
سرڪاري ذريعن جو چوڻ آهي ته علي امين گنڊاپور جي گرفتاري جي خبر غلط آهي، جڏهن ته ڪي پي جي اطلاعات بابت صلاحڪار بيرسٽر سيف دعويٰ ڪئي آهي ته علي امين گنڊاپور کي ڪي پي هائوس ۾ تحويل ۾ ورتو ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.