تنگواڻي ۾ ٽئين ڏينهن به بدامني خلاف هڙتال، دڪاندارن جو اڇا جهنڊا کڻي احتجاج

تنگواڻي (رپورٽ: مھتاب ملڪ)تنگواڻي ۾ٽئين ڏينھن به شٽر بند ھڙتال ڪري احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، قاري ڪفايت الله کوسو، شربت نندواڻي، مھتاب ملڪ، وقار ملڪ، آصف کوسو، اعجاز ملڪ، غلام حسين باجڪاڻي، شاهد ملڪ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ وڏي انگ ۾ شھرين پاڻمرادو دڪان بند ڪري ھٿن ۾ اڇا جھنڊا کڻي احتجاج ۾ شرڪت ڪئي، مک ڪاروباري مرڪز بند ڪيا ويا،شھر ۾ ريلي ذريعي گشت ڪيو ويو، ڦر مزاحمت ۾ مارجي ويل نوجوان فاروق احمد ڏاھاڻي جي قاتلن جي گرفتاري جو مطالبو ڪيو ويو، احتجاج ڪندڙن چيو ته اغوا، ڦر، چوري ۽ ڀتاخوري سبب هرطرف  خوف حراس پکڙيل آھي، ھنن چيو ته ضلعو ڏوھارين حوالي ٿيل آھي، حڪومت ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي تحرڪ وٺڻ گھرجي، اغوا ڦرون قتل عام معمول ٿي ويو آهي ايتري قدر پوليس اھلڪار به محفوظ ناھن ھنن گھر ڪئي ته ضلع ۾ امن امان بحال ڪرائي ضلعي جي عوام کي تحفظ فراھم ڪيو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.