سنڌ ۾ بدامني ۽ بيروزگاري عوام جا مقدر بڻايا ويا آھن: اياز لطيف

حيدرآباد (پ ر)قومي عوامي تحريڪ جي سربراھه اياز لطيف پليجي چيو آهي ته بدامني، مھانگائي ۽ بيروزگاري عوام جا مقدر بڻايا ويا  آھن. ماڻھو تعليم جي حق ۽ بھتر علاج کان محروم آھن. امن امان خواب بڻيل آھي، اقتدار جي لالچ ۾ سنڌ جي وحدت کي داءُ تي لڳايو ويو آهي، پ پ وٽ سنڌ جي خوشحالي جو ڪو به پروگرام ناھي. 2024ع جي چونڊن ۾ پ پ کي سنڌ پليٽ ۾ رکي ڏني وئي، پ پ جي 16 سالن جي حڪومت سنڌ کي ترقي بدران ڪرپشن، منشيات، بدامني ۽ لاقانونيت ذريعي تباهه ڪري ڇڏيو آهي، سنڌي ماڻهن کي زورگار ڏيڻ بجاءِ کين پنڻ تي مجبور ڪيو ويو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.