احتجاج ڪرڻ پي ٽي آءِ جو حق آهي پر طريقيڪار ٺيڪ ناهي: گهرو وزير

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ ) وفاقي گهرو وزير سينيٽر محسن نقوي چيو آهي ته احتجاج ڪرڻ هر ڪنهن جو حق آهي پر پاڪستان تحريڪِ انصاف جا ڪارڪن هٿيار کڻي حملو ڪرڻ اچي رهيا آهن.
ڊي چوڪ تي ميڊيا سان ڳالهائيندي گهرو وزير محسن نقوي چيو ته ڪنهن کي به ملڪيتن کي نقصان پهچائڻ جي اجازت نه ڏينداسين، ڪالهه به درخواست ڪئي هئي ته في الحال جلسا جلوس نه ڪريو.
هن چيو ته اسان جي جيتري به فورس آهي انهن مان ڪنهن وٽ به هٿيار نه آهي، وڊيوز ۽ تصويرن ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته جيڪي ماڻهو اچي رهيا آهن وٽن هٿيار آهن.
سندس چوڻ هو ته خيبرپختونخوا جو وڏو وزير پاڪستاني آهي، کيس سوچڻ کپي ته ڇا ڪري رهيو آهي، وٽس سڄو صوبو آهي جتي وڻي احتجاج ڪري، احتجاج ڪرڻ سندس حق آهي پر طريقيڪار ٺيڪ نه آهي.
گهرو وزير چيوته بلڪل ڪليئر آهيان ته هو اسلام آباد تي چڙهائي ڪري رهيا آهن، اسان پنهنجي پرڏيهي مهمانن جي حفاظت لاءِ انتظام ڪيا آهن، ٻاهران آيل مهمانن جي سيڪيورٽي لاءِ ڪجهه اضافي قدم کڻڻا پيا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.