فيصل آباد (ويب ڊيسڪ) فيصل آباد جي ايڊيشنل سيشن جج ٻٽي قتل ڪيس جو فيصلو ٻڌائي ڇڏيو.
فيصل آباد جي ايڊيشنل سيشن جج جي عدالت ۾ اڄ ٻٽي قتل ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جنهن دوران عدالت ڪيس جو فيصلو ٻڌايو.
عدالت فيصلو ٻڌائيندي زال ۽ سهري جي قاتل جوابدار کي ٻه ڀيرا موت جي سزا حڪم ڏنو.
ان کانسواءِ عدالت مقتولن جي وارثن کي پنج لک رپيا معاوضو ادا ڪرڻ جو به حڪم ڏنو.
واضح رهي ته جوابدار عثمان آگسٽ 2022 ۾ زال سهري کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو هو.