سن سٽي (ويب ڊيسڪ) ڪامن ويلٿ پاور لفٽنگ چيمپيئن شپ ۾ پاڪستان سبيل سهيل گولڊ ميڊل کٽي ورتو.
سبيل سهيل ڪلاسڪ بئنچ پريس جي 47 ڪلوگرام ڪيٽيگري ۾ گولڊ ميڊل کٽيو ۽ ويرونيڪا سهيل 52 ڪلوگرام ڪيٽيگري ۾ برانز ميڊل پنهنجي نالي ڪيو.
52 ڪلو گرام ڪيٽيگري ۾ انگلينڊ جي پاور لفٽر گولڊ ميڊل ۽ ڀارت جي پاور لفٽر سلور ميڊل کٽيو.
واضح رهي ته ڪامن ويلٿ پاور لفٽنگ چيمپيئن شپ ڏکڻ آفريڪا جي شهر سن سٽي ۾ جاري آهي، جنهن ۾ پاڪستان جون ٽئي سهيل سسٽرز حصو وٺي رهيون آهن.
You might also like