پاڪ-انگلينڊ سيريز بابت ناصر حسين جي اهم اڳڪٿي

لنڊن(ويب ڊيسڪ ) انگلش ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان ۽ ڪامينٽيٽر ناصر حسين پاڪستان سان ٽيسٽ سيريز ۾ انگلينڊ جي فتح واري ڳالهه کي وقت کان اڳ قرار ڏئي ڇڏيو.
پاڪ- انگلينڊ ٽيسٽ بابت ڳالهائيندي ناصر حسين چيو ته پاڪستان ٽيم جو موجودا فارم سٺو نه آهي پر اِهو چوڻ اياڻپ هوندي ته انگلينڊ پاڪستان کي ٽيسٽ سيريز ۾ سولائي سان مات ڏئي ڇڏيندو.
اڳوڻي ڪپتان چيو ته پاڪستان بهترين ڪرڪيٽ نيشن آهي اتي ڪرڪيٽ جو جنون آهي ۽ مداح به پنهنجي ٽيم کي سدائين مٿي ڏسڻ چاهين ٿا.
ناصر حسين وڌيڪ چيو ته نئون ڪپتان ۽ نوان ڪوچ آهن، سڀني جون نظرون پاڪستان تي هونديون ته هو ڪهڙي ريت واپسي ڪندا.
واضح رهي ته پاڪستان ۽ انگلينڊ وچ ۾ ٽن ٽيسٽ ميچن تي ٻڌل سيريز جي پهرين ميچ ست آڪٽوبر تي ملتان ۾ شيڊيول آهي.
ٻنهي ٽيمن وچ ۾ ٻي ٽيسٽ پڻ ملتان ۾ کيڏي ويندي جڏهن ته سيريز جي ٽين ۽ آخري ميچ 24 آڪٽوبر تي راولپنڊي ۾ کيڏي ويندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.