اسلام آباد (ويب ڊيسڪ ) شنگهائي سهڪار تنظيم ( ايس سي او ) جي سربراهي اجلاس لاءِ وفاقي راڄڌاني اسلام آباد ۾ فوج جي مقرريءَ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي.
نوٽيفڪيشن موجب، فوج آرٽيڪل 245 تحت ايس سي او سمٽ دوران سيڪيورٽي جون ذميواري سنڀاليندي ۽ فوج ايس سي او سربراهي اجلاس دوران اسلام آباد ۾ 17 آڪٽوبر تائين مقرر رهندي.
نوٽيفڪيشن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته اسلام آباد ۾ فوج جي مقرري پنج آڪٽوبر کان 17 آڪٽوبر تائين هوندي.
نوٽيفڪيشن موجب، اسلام آباد جي سيڪيورٽي جي ذميواري فوج جي حوالي هوندي ۽ پوليس سميت ٻيا قانون لاڳو ڪندڙ ان جي مدد ڪندا.
واضح رهي ته شهنگائي سهڪار تنظيم جو سربراهي اجلاس 15 ۽ 16 آڪٽوبر تي اسلام آباد ۾ شيڊيول آهي جنهن ۾ ڪيئي ملڪن جا سربراهه ۽ نمائندا شرڪت ڪندا.
You might also like