پاڪستاني جبل چاڙهو جو تاريخي ڪارنامو، دنيا جون سڀ چوٽيون سر ڪري ورتائين

پاڪستاني جبل چاڙهو سرباز خان ملڪي تاريخ ۾ هڪ نئون باب رقم ڪري ڇڏيو.
سرباز خان اِهو پهريون پاڪستاني بڻجي ويو آهي جنهن اٺ هزار ميٽر کان بلند دنيا جون سموريون 14 چوٽيون سر ڪري ورتيون آهن جيڪو هڪ غير معمولي ڪارنامو آهي.
تازي ڪاميابي ۾ سرباز خان 8027 ميٽر بلند شيشا پنگما چوٽي سر ڪئي جيڪا سندس 14 هين ايٽ ٿائوزنڊز چوٽي آهي.
اِها چوٽي سر ڪرڻ کانپوءِ هو دنيا جي آڱرين تي ڳڻڻ جيترن جبل چاڙهن ۾ شامل ٿي ويو آهي جيڪو اِهو اعزاز حاصل ڪري چڪا آهن.
سرباز خان پنهنجو سفر 2017 ۾ نانگا پربت جي چوٽي سر ڪرڻ سان شروع ڪيو ۽ کانپوءِ هن ڪي ٽو، لوٽسي، ايوريسٽ سميت دنيا جون خطرناڪ ترين چوٽيون سر ڪيون.
اهم ڳالهه اِها آهي ته سرباز خان ڄاڻايل چوٽين مان 11 بنا مصنوعي آڪسيجن جي سر ڪيون جيڪو هڪ انتهائي مشڪل ۽ خطرناڪ ڪارنامو سمجهيو ويندو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.