لاهور (عمران شفقت) سپريم ڪورٽ آرٽيڪل 63 اي نظرثاني ڪيس جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو. آئيني ترميم جي رستي ۾ هڪ رنڊڪ ختم ٿي چڪي آهي. سپريم ڪورٽ ۾ هڪڙا جج آئين تي عمل ڪن ٿا ٻيا ڀٽڪي ويل جج آهن. ڇا هاڻي ڀٽڪيل جج چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ خلاف بغاوت ڪندا؟ ان جو فيصلو کين ڪرڻو آهي پر علي ظفر ان حوالي سان هڪ رستو ڏيکاري ڇڏيو. جسٽس منيب اختر آخري حد تائين ويندو. هاڻي آئين ۾ ترميم ٿيڻي آهي، سينيٽ ۾ حڪومت لاءِ ڪم سولو ٿي چڪو آهي. مخصوص سيٽن واري ڪيس تي به نظرثاني اپيل تي ٻڌڻي ٿيندي. اليڪشن ڪميشن وٽ رڪارڊ ۾ پي ٽي آءِ جو نه ڪو صدر آهي نه ڪو چيئرمين آهي. هاڻي جيڪو حڪومت جي حق ۾ ووٽ ڏيندو ان کي پي ٽي آءِ ڊي سيٽ نه ڪري سگهندي. تنهن جي ڪري هاڻي آئيني ترميم ٿيڻي آهي. عمران خان جا حامي جج اڪثريت ۾ نه آهن. هي سپريم ڪورٽ ٻاهران ويهي پنهنجي عدالت لڳائي ڇڏين پر هنن جي ڪا بينچ قانوني طور ڪا بينچ نه هوندي، هي پريس ڪانفرنس ڪري سگهن ٿا. هي کڻي ڪجهه به ڪن هي جسٽس قاضي فائز عيسيٰ خلاف ڪو انقلاب يا بغاوت نٿا ڪري سگهن.