سنڌوءَ تي ڪئنال ٺهي ويا ته سنڌ جو اڌ حصو غيرآباد ٿي ويندو:زين شاهه

ڀٽ شاهه( رپورٽ:ارشاد علي ٻگھيو)ڀٽ شاھ ۾ سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي طرفان ورڪر ڪنوينشن ۾ اڳواڻ روشن ٻرڙو، نصير ميمڻ، فقير محمد لاکو، جڳديش آهوجا، منور خاصخيلي، رمضان ٻرڙو، سهيل قريشي، منصور ڀيون،  شڪور ناز خاصخيلي، انور ٻرڙو راجا وزير سنگراسي، سيد فدا حسين شاهه، محسن شاھ ۽ ٻيا شريڪ ٿيا، ان موقعي سيد زين شاهه خطاب ڪندي چيو ته ڪارڪنن ۽ سنڌ دوستن کي آگاهي ڏيڻ لاءِ لطيف جي نگري ڀٽ شاھ ۾ ڪنوينشن ڪوٺايو آهي هن چيو ته آصف علي زرداري جي اڳواڻي ۾ سنڌ جي پاڻي، معدني وسيلن، زمين، سمنڊ ۽ معدنيات جو سودو ڪري سنڌو دريا تي سنڌ دشمن فيصلا ڪيا ويا آهن ناجائز ڪئنال پيا ٺهن، سنڌ جي حڪمران ڌر جا ايم اين ايز ۽ ايم پي ايز سنڌ دشمني تي لهي آيا آهن هن چيو ته جيڪڏهن سنڌو دريا تي ڪئنال ٺهي ويا ته سنڌ جو اڌ حصو غير آباد ٿي ويندو، اسان قومي ڪارڪنن، محبت وطن ماڻهن ۽ آبادگارن کي سجاڳ ڪرڻ لاءِ نڪتا آهيون، زمينون ويران ۽ بنجر تي ويون ته لکين ماڻهن دربدر ٿي ويندا، سڀني سياسي پارٽين تحريڪ انصاف، جي يو آئي، نواز ليگ، جماعت اسلامي، فنڪشنل ليگ ۽ ٻين کي متحرڪ ٿيڻو پوندو هن چيو ته  سنڌ ۾ بدامني جو راڄ آهي جيڪو اليڪشن ۾ جعلي مينڊيٽ جو نتيجو آهي پيپلزپارٽي کي جعلي مينڊيٽ ڏنو ويو، هتي قانون نالي ڪا به شئي نظر نٿي اچي، ورڪر ڪنوينشن کان پوءِ ايس يو پي جي مرڪزي صدر سيد زين شاهه پاران درگاھ حضرت شاھ عبداللطيف ڀٽائي جي مزار تي چادر چاڙهي دعا گهري وئي ۽ شهر جي مک دنبورا چوڪ تي ايس يو پي جي جهنڊي جي پرچم ڪشائي ڪئي وئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.