”حڪومت جو ساٿ نه ڏيڻ جو اعلان“ مولانا فضل الرحمان وڏو قدم کڻي ورتو

اسلام آباد(م ڊ)  جمعيت علماءِ اسلام (جي يو آءِ ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته آئيني ترميم لاءِ حڪومت کي ڪهڙي تڪڙ آهي. چيو ويو هو ته آچر تي ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ آسمان  ڪري پوندو . اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) اجلاس جي موقعي تي سياسي اختلافن کان بالاتر ٿي سوچڻ گهرجي، سياسي اختلافن کي اتحاد ۾ تبديل ڪرڻ گهرجي.   جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته آرٽيڪل 63 اي جو سپريم ڪورٽ جو فيصلو قبول ڪريون ٿا انهي فيصلي جو غلط طريقي سان فائدو نه کڻڻ گهرجي. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي جي يو آءِ سربراهه  مولانا فضل الرحمان چيو ته فيصلن جو غلط فائدو به کنيو ويندو آهي، 63 اي جي فيصلي کان پوءِ ميچ فڪسنگ نه هجڻ گهرجي، نه ئي ڪنهن قسم جي خريداري ۽  وڪرو ٿيڻ گهرجي.  هن چيو ته آئيني ترميم جي معاملي تي اسان حڪومت سان پلس  ٿيڻ جي لاءِ راضي نه آهيون، 24 ڪلاڪن ۾ ڪيئن بل پاس ڪندو؟ تڪڙ  وارو ڪم اسان کي قبول نه آهي. ارڙهين ترميم جي لاءِ اسان 9 مهينا سوچ ويچار ڪيو هو، ترميم جي حوالي سان مضبوطي سان پنهنجو موقف رکنداسين. جي يو آءِ سربراهه چيو ته اسان جي مجلس شوريٰ انهي حوالي سان حڪمت عملي ٺاهيندي، روزاني نوان مسودا سامهون ايندا آهن، پنهنجن مفادن جي لاءِ ترميم ڪرڻي پوندي آهي ته اها  تڪڙي کڻي ايندا آهن، اسان کي حيرت آهي ته آئيني ترميم جي لاءِ هنن کي ڪهڙي ڳالهه جي تڪڙ آهي. حڪومت کي اپيل آهي ته اهي آئيني ترميم جو بل ملتوي ڪري ڇڏي، حڪومت وٽ معيشت بهتر ڪرڻ جو ڪوبه پلان نه آهي، پاڪستاني معيشت پٽ پئجي چڪي آهي. مولانا فضل الرحمان سياسي پارٽين کي تجويز ڏيندي چيو ته اسلام آباد ۾ ٿيندڙ ايس سي او جي اجلاس ۾ ايندڙ مهمانن کي ڀليڪار چئون ٿا، ايس سي او ڪانفرنس تائين اسان کي پنهنجا اختلاف وساري ڇڏجن، شنگهائي تعاون تنظيم اجلاس جي دوران تحريڪ انصاف پنهنجا احتجاج ملتوي ڪري ڇڏي. اسرائيلي جارحيت جي حوالي سان ڳالهيون ڪندي مولانا فضل الرحمان چيو ته اسرائيل جي وحشيانه رياستي دهشتگردي جاري آهي، غزه ۾ معصوم ٻارن جو رت پي اسرائيل جي اڃ ختم ناهي  ٿي، اسرائيل هاڻ لبنان کي به نشانو بنائڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي. غزه ۾ ٿيندڙ ظلمن جي پرزور مذمت ڪريون ٿا.  هن وڌيڪ چيو ته اسلامي دنيا جي مشهور شخصيتن کي نشانو بنايو پيو وڃي. اسرائيل کي مغربي طاقتون هٿيار ڏئي رهيون آهن. آمريڪا ۽ مغربي دنيا اسرائيل جي پٺڀرائي ڪري رهي آهي. اسرائيل جي دهشتگردي برداشت جوڳي نه آهي. اسرائيل جي دهشتگردي کي روڪڻو پوندو. مسلمان دنيا جي خاموشي ڳڻتي جو سبب بڻيل آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.