عدالتي فيصلي بعد حڪومت کي آئيني ترميمن لاءِ مولانا جي حمايت جي خاص ضرورت نه پوندي؟

اسلام آباد(م ڊ) آرٽيڪل 63 اي جي تشريح بابت سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي ردعمل ڏيندي لاهور هاءِ ڪورٽ جي اڳوڻي جج شاهه خاور جو چوڻ آهي ته ان فيصلي جو بظاهر اهو مطلب آهي ته هاڻ موجوده  ڪومت آئيني ترميمن لاءِ اسيمبلي ميمبرن جي حمايت حايل ڪري وٺندي جيڪي اسيمبلي ۾ موجود آهن جڏهن ته اليڪشن ڪميشن تحريڪ انصاف جي ڪامياب اميدوار جو نوٽيفڪيشن جاري ناهي ڪيو.سياسي تجزئي نگار سهيل وڙائچ جو چوڻ آهي ته سپريم ڪورٽ جي فيصلي کانپوءِ لڳي ٿو ته حڪومت جا هٿ کلي ويا آهن ۽ لڳي ٿو ته حڪومت کي هاڻي آئيني ترميمن لاءِ جميعت علماءِ اسلام (ف) جي حمايت جي ڪا خاص ضرورت نه پوندي.بي بي سي سان ڳالهائيندي هن چيو ته عدالتي فيصلي کانپوءِ قومي اسيمبلي جا آزاد ميمبر به حڪومت جي پسنديده ميمبرن  ۾ شامل ٿي ويندا ۽ اهڙي صورتحال ۾ جڏهن اڳوڻو وزيراعظم عمران خان جيل ۾ آهي ته ٿي سگهي ٿو پي ٽي آءِ جي حمايتي آزاد ميمبرن کي مئنيج ڪرڻ ۾ آساني ٿيندي.حڪمران جماعت پاڪستان مسلم ليگ ن سپريم ڪورٽ جي فيصلي جي آجيان ڪندي چيو آهي ته سپريم ڪورٽ آرٽيڪل 63 اي جي فيصلي کي ڪالعدم قرار ڏيندي آئين کي ٻيهر لکڻ واري عمل کي ڪالعدم قرار ڏنو آهي.مسلم ليگ ن جي سينيئر نائب صدر حمزا شهباز چيو آهي ته پنجاب ۾ اڳوڻي فيصلي جي بنياد تي چونڊيل حڪومت جو تختو اونڌو ڪيو ويو.جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته هو سپريم ڪورٽ جي فيصلي کي قبول ڪن ٿا پر ان جي بنياد تي پارليامينٽ ۾ خريد ۽ وڪري جو نئون رستو نه کلڻ گهرجي. آئيني معاملن ۾ ميچ فڪسنگ جي راهه هموار نه ٿيڻ گهرجي.هن چيو ته بظاهر آئيني ترميم جي معاملي تي اتفاق راءِ نه ٿي رهيو آهي، پر حڪومت تڪڙي لڳي رهي آهي.هن تجويز ڏني ته آئيني ترميمي بل کي ڪجهه وقت لاءِ ملتوي ڪيو وڃي ته جيئن اتفاق راءِ پيدا ٿي سگهي.ياد رهي ته ڪالهه خميس ڏينهن سپريم ڪورٽ ۾ ان ڪيس جي ٻڌڻي دوران تحريڪ انصاف باني عمران خان جي وڪيل علي ظفر پنهنجي دليلن دوران چيو ته آرٽيڪل 63 اي تي سپريم ڪورٽ جو اڳوڻو فيصلو پارليامينٽ ۾ هارس ٽريڊنگ کي روڪي ٿو. حڪومت آئين ۾ ترميم ڪري رهي آهي ۽ اهو تاثر آهي ته عدالت هارس ٽريڊنگ جي اجازت ڏيندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.