صبا قمر وڻندي آهي: گرو رنڌاوا

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ ) ڀارتي گلوڪار گرو رنڌاوا پاڪستاني اداڪارا صبا قمر کي پنهنجي پسنديدا اداڪارا قرار ڏئي ڇڏيو.
ويجهڙ ۾ گرو رنڌاوا هڪ ڀارتي پروگرام ۾ شرڪت ڪئي جتي ميزبان کائنس پسنديدا پاڪستاني اداڪارا بابت سوال ڪيو .
گلوڪار ٻڌايو ته پاڪستاني اداڪارائن جي جيڪڏهن ڳالهه ڪجي ته هن کي صبا قمر وڻندي آهي، ڇو ته هوءَ هڪ با صلاحيت اداڪارا آهي.
انٽرويو دوران گرو رنڌاوا مزاحيه انداز صبا قمر کي درخواست ڪندي چيو ته مون اوهان جو نالو کنيو آهي، هاڻي اوهان پاڪستان ۾ منهنجي فلم جي پرموشن ڪيو.
واضح رهي ته گرو رنڌاوا اڄڪلهه پنهنجي فلم ” شاهڪوٽ“ جي مشهوري مهم ۾ رڌل آهي جيڪا هلندڙ مهيني چار آڪٽوبر ( سڀاڻي ) تي رليز ٿيندي.
واضح رهي ته گرو رنڌاوا صبا صمر سان گڏ فلم ” هندي ميڊيم “ جي هڪ گيت ” تينو سوٽ سوٽ ڪرده“ ۾ ڪم به ڪري چڪو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.