ويٽنام ۾ برڊ فلو سبب ڪيترائي شينهن مري ويا

هنوئي (ويب ڊيسڪ) ويٽنام جي چڙيا گهر ۾ برڊ فلو وائرس جي پکيڙ سبب گذريل ڪجهه مهينن ۾ ڪيترائي شينهن مري ويا.
پرڏيهي ميڊيا موجب ويٽنام ۾ برڊ فلو (H5N1) وائرس جي نتيجي ۾ آگسٽ کان وٺي هيل تائين 47 شينهن مري چڪا آهن.
ميڊيا جو چوڻ آهي ته جانورن جي طبعيت امڪاني طور برڊ فلو جو شڪار ڪڪڙ جو گوشت کائڻ سبب خراب ٿي.
ويٽنامي اختيارين جو چوڻ آهي ته ٻن چڙيا گهرن ۾ برڊ فلو جي وبا پکڙي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.