مصري ڪنوار شادي تقريب ۾ گهوٽ طرفان ”گڏِهه“ چوڻ تي طلاق لاءِ عدالت پهچي وئي.
پرڏيهي ميڊيا موجب 30 ورهين جي رانيا جو واسطو مصر سان آهي، جيڪا يونيورسٽي مان ڊاڪٽريٽ جي ڊگري هولڊر آهي، رانيا پنهنجي يونيورسٽي جي 33 ورهين جي علي نالي ڊاڪٽر سان شادي ڪئي هئي.
رانيا ٻڌايو ته علي سان مان ان جي تعليم ڏسي شادي ڪئي هئي پر جلد ئي سندس اصليت سامهون اچي وئي.
مصري ڪنوار طلاق لاءِ عدالت ۾ درخواست ڏيندي دعويٰ ڪئي ته مڙس شادي جي ڏينهن سڀني جي سامهون گڏهه چئي منهنجي توهين ڪئي.
رانيا درخواست ۾ چيو ته شادي جي ڏينهن مان تِرڪي ڪِري پئي هيس، جنهن کانپوءِ فوري طور اٿڻ جي ڪوشش ڪئي ته مڙس سڀني جي سامهون مون کي چيو تو گڏهه آهين؟ اُٿ گڏهه.
ڪنوار موجب ان طعني جي ردعمل ۾ ڀاءُ مداخلت ڪندي منهنجي مڙس کي به اهو ئي جواب ڏنو، جنهن کانپوءِ ٻنهي خاندانن ۾ جهيڙو ٿي ويو ۽ مان ساهرن بدران پنهنجي گهر هلي ويس.
رانيا چيو ته ڪجهه ڏينهن کانپوءِ منهنجو مڙس مون کي واپس وٺڻ آيو پر گهر وارن مون کي ان سان گڏ موڪلڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ۽ جڏهن مان مڙس کان طلاق جو مطالبو ڪيو ته هن انڪار ڪري ڇڏيو، جنهن کانپوءِ مان عدالت سان رابطو ڪيو.
Prev Post
You might also like