ميٽا هڪ اهڙو مصنوعي ذهانت واري ٽيڪنالوجي ( اي آءِ ) تي ٻڌل ٽرانسليشن ٽول تيار ڪري ورتو آهي جيڪو مختلف ٻولين ۾ ٺهندڙ فيسبڪ ۽ انسٽاگرام رليز ( وڊيوز ) کي اوهان جي ٻوليءَ ۾ ترجمو ڪري سگهندو.
ڪمپني طرفان نئين فيچر ذريعي سوشل ميڊيا واهپيدارن لاءِ انهن پليٽ فارمز تي وڊيوز ڏسڻ جو تجربو وڌيڪ بهتر بڻايو پيو وڃي.
ڪمپني موجب، اي آءِ ٽول پاڻمرادو رليز ۾ موجود آڊيو جو ترجمو ڪندو ته جيئن اوهان مختلف ٻولين ۾ رڪارڊ ڪيل مواد مان لطف اندوز ٿي سگهو.
اِهو فيچر آٽوميٽڪ ڊبنگ ۽ lip syncing کي استعمال ڪندي ڳالهائي ويندڙ ٻولي کي هڪ ٻي ٻولي ۾ تبدي ڪري ڇڏيندو ۽ ڏسڻ وارن کي ائين محسوس ٿيندو ته وڊيو ۾ موجود ڪردار سندن ٻولي ۾ ئي ڳالهائي رهيا آهن.
في الحال ڪمپني طرفان آمريڪا ۾محدود پئماني تي ان ٽول جي ٽيسٽنگ انگريزي ۽ هسپانوي ٻولين ۾ وڊيوز تيار ڪندڙ واهپيدارن لاءِ شروع ڪئي وئي آهي.
ميٽا طرفان تمام جلد ٻين ٻولين جي سپورٽ به فراهم ڪئي ويندي.
ڪمپني کي اميد آهي ته ان ٽول ذريعي فيسبڪ ۽ انسٽاگرام جي مختصر وڊيوز يعني ريلز ڏسندڙ واهپيدارن جي انگ ۾ اضافو ٿيندو.
اهڙي ريت ميٽا کي ٽِڪ ٽاڪ جهڙي مخالف ايپ کي ٽڪر ڏيڻ ۾ مدد ملندي.
You might also like