يونس خان پاڪستان وائيٽ بال ٽيم جي ڪپتاني لاءِ ٻن رانديگرن جا نالا ٻڌائي ڇڏيا

ميلبورن ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان يونس خان بابر اعظم جي استعيفيٰ کانپوءِ قومي وائيٽ بال ٽي جي ڪپتان لاءِ محمد رضوان سان گڏ فخر زمان کي مضبوط اميدوار قرار ڏئي ڇڏيو.
يونس خان اڄڪلهه ميلبورن ۾ ڪرڪيٽ آسٽريليا جي سمر فيسٽيول ۾ شرڪت لاءِ آسٽريليا ۾ موجود آهي.
پرڏيهي ميڊيا سان ڳالهائيندي يونس خان چيو ته پاڪستان ۾ هميشه وڏن نالن کي ڪپتان بڻايو ويندو آهي، سندس نظر ۾ محمد رضوان ۽ فخر زمان وائيٽ بال ٽيم جي ڪپتاني لاءِ مضبوط اميدوار آهن.
سندس چوڻ هو ته محمد رضوان يا فخر زمان منجهان ڪنهن هڪ کي قومي وائيٽ بال ٽيم جو ڪپتان بڻايو وڃي.
يونس خان چيو ته هو پراميد آهي ته ايندڙ مهيني آسٽريليا خلاف شيڊيول ون ڊي سيريز ۾ پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم بهترين ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندي.
واضح رهي ته پاڪستان وائيٽ بال ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم جي قيادت تان هٿ کڻڻ کانپوءِ محمد رضوان کي ٽيم جو نئون ڪپتان بڻائڻ جون خبرون گردش ڪري رهيون آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.