اسلام آباد(ويب ڊيسڪ)پاڪستان هلندڙ سال پهريون ڀيرو ڏکڻ ايشيائي ڪراس ڪنٽري ايٿليٽڪس چيمپيئن شپ جي ميزباني ڪندو.
ميگا ايونٽ 24 نومبر کان اسلام آباد ۾ منعقد ٿيندو، ان سلسلي ۾ پاڪستان اسپورٽس بورڊ طرفان ايٿليٽڪس فيڊريشن آف پاڪستان کي ايونٽ ڪرائڻ لاءِ اين او سي پڻ جاري ڪئي وئي آهي.
سائوٿ ايشين ڪراس ڪنٽري چيمپيئن شپ ۾ پاڪستان، ڀارت، بنگلاديش، ڀوٽان، نيپال، سريلنڪا ۽ مالديپ جا ايٿليٽس حصو وٺندا، جنهن لاءِ پاڪستان حڪومت ڀارت سميت سمورن ملڪن جي ٽيمن کي شرڪت جي ڪليئرنس ڏئي ڇڏي آهي.
ايٿليٽڪس فيڊريشن آف پاڪستان جو چوڻ آهي ته ايونٽ بابت وڌيڪ معلومات تمام جلد شيئر ڪئي ويندي.
You might also like