اڊيالا جيل جي ڊپٽي ۽ اسسٽنٽ سپرنٽنڊنٽ سميت چئن اهلڪارن جون نوڪريون چٽ

لاهور (ويب ڊيسڪ ) پنجاب حڪومت اڊيالا جيل راولپنڊي جي ڊپٽي سپرنٽنڊنٽ محمد اڪرم ۽ اسسٽنٽ سپرنٽنڊنٽ رياض خان سميت چئن اهلڪارن کي نوڪري تان برطرف ڪري ڇڏيو.
پنجاب جي گهرو کاتي طرفان اڊيالا جيل جي آفيسرن ۽ اهلڪارن جي نوڪري تان برطريفي جو نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪيو ويو آهي.
نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته قيدي جي قتل جي انڪوائري ۾ ڏوهه ثابت ٿيڻ تي اهلڪارن کي برطرف ڪيو ويو، اڊيالا جيل جي ذهني مريضن واري سيل ۾ 29 فيبروري تي قيدي جي قتل تي انڪوائري جاري هئي، آءِ جي جيل پنجاب قتل جي واقعي تي انڪوائري جو حڪم ڏنو هو.
نوٽيفڪيشن موجب، انڪوائري ۾ ڊپٽي سپرنٽنڊنٽ محمد اڪرم سميت ست ملازمن کي قصوروار قرار ڏنو ويو آهي، انڪوائري ۾ 7 مان 4 اهلڪارن کي نوڪرين تان برطرف ڪرڻ جي سفارش ڪئي وئي هئي.
ياد رهي ته ڪجهه عرصو اڊيالا جيل ۾ عمران خان جي سهولتڪاري جي الزام هيٺ اڳوڻي ڊپٽي سپرنٽنڊنٽ محمد اڪرم سميت ٻين جيل آفيسرن ۽ اهلڪارن کي گرفتار ڪيو ويو، جنهن کانپوءِ محمد اڪرم کي آزاد ڪيو ويو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.