عثمان قادر عالمي ڪرڪيٽ تان رٽائر، سبب به سامهون اچي ويو

لاهور (ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ٽيم جي نوجوان ليگ اسپنر عثمان قادر عالمي ڪرڪيٽ تان رٽائرمينٽ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
ليگ اسپنر عثمان قادر سوشل ميڊيا ذريعي پنهنجي مداحن سان عالمي ڪرڪيٽ تان رٽائرمينٽ جي خبر شيئر ڪئي.
پنهنجي پوسٽ ۾ عثمان قادر چيو ته پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم ۾ سندس سفر انتهائي شاندار رهيو، قومي ٽيم جي نمائندگي سندس لاءِ اعزاز آهي.
سندس چوڻ هو ته ڪوچز ۽ ٽيم جي ساٿين جو ٿورائتو آهيان جن هر موڙ تي سپورٽ ڪيو، هاڻي نئين بابت ۾ داخل ٿي رهيو آهيان، پنهنجي پيءَ جي وراثت کي جاري رکندس.
ذريعن موجب، عثمان قادر پي سي بي جي اين او سي واري پاليسي سبب مايوسي ٿي عالمي ڪرڪيٽ ڇڏڻ جو فيصلو ڪيو، هو ڊگهي عرصي کان اين او سي معاملي تي ڏکيائين کي منهن ڏئي رهيو هو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته عثمان قادر پي سي بي جي انٽرنيشنل ڊپارٽمينٽ جي روين مان به مايوس هو، هو هاڻي مختلف ڪرڪيٽ ليگز ۾ ايڪشن ۾ نظر ايندو.
واضه رهي ته عثمان قادر هڪ ون ڊي ۽ پنجويهه ٽي ٽوئنٽي انٽرنيشنل ۾ قومي ٽيم جي نمائندگي ڪئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.