سڀ ملٽري رجيم جوائن ڪندا آهن، پوءِ وري جهموريت جو راڳ آلاپيو ويندو آهي: چيف جسٽس

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ ) چيف جسٽس پاڪستان قاضي فائز عيسيٰ چيو آهي ته سياسي پارٽيون جج يا چيف جسٽس جي ماتحت ناهن هونديون، جج ڪير ٿيندو آهي چوڻ وارو ته ڪو ميمبر باغي ٿيو؟ اِهو پارٽي جي سربراهه جو اختيار آهي.
چيف جسٽس قاضي فائز عيسي جي سربراهي ۾ پنج رڪني لارجر بئنچ آئين جي آرٽيڪل 63 اي جي تشريح بابت نظرثاني اپيلن تي ٻڌڻي ڪئي.
ڪيس جي ٻڌڻي دوران پي ٽي آءِ باني عمران خان جي وڪيل پنهنجي اصيل طرفان بئنچ جي جوڙ جڪ تي اعتراض واريندي ٻڌڻي کان انڪار ڪري ڇڏيو جنهن تي سپريم ڪورٽ کيس عدالتي مددگار مقرر ڪري ڇڏيو.
بئريسٽر علي ظفر عدالتي مددگار طور دليل ڏيندي چيو ته سپريم ڪورٽ بار جي اصل درخواست بي اعتمادي رٿ ۾ ووٽنگ بابت هئي، سپريم ڪورٽ صدارتي ريفرنس، آئيني درخواستن کي غلط طريقي سان گڏائي ڇڏيو، عدالت آئيني درخواستون اِهو چئي اُڪلائي ڇڏيون ته ريفرنس تي راءِ ڏني وئي آهي، نظرثاني جو دائرو محدود هوندو آهي.
چيف جسٽس چيو ته ڪو آئين يا موت جي سزا مان ناخوش ٿي سگهي ٿو پر عملدرآمد ڪرڻ جا سڀ پابند هوندا آهن، ڇا ڪو جج قسم کڻي چئي سگهي ٿو ته آئين جي فلاڻي شق مان خوش نه آهي؟ هر ڊڪٽيٽر چوندو آهي سمورن ڪرپٽ اسيمبلي ميمبرن ۽ ايوان کي ختم ڪري ڇڏيندس، سڀ ماڻهو ملٽري رجيم جوائن ڪندا آهن، پوءِ وري جهموريت جو راڳ شروع ٿي ويندو آهي.
بئريسٽر علي ظفر چيو ته سپريم ڪورٽ آئين ۾ ڏنل زندگي جي حق واري اصول گهڻو اڳتي وڌائي چڪي آهي، ڪنهن بنيادي حق جو اصول اڳتي وڌائڻ آئين ٻيهر لکڻ ناهي هوندو، آئين ۾ سياسي پارٽي ٺاهڻ جو حق آهي، اِهو ناهي لکيل ته پارٽي اليڪشن به وڙهي سگهي ٿي، عدالتن تشريح ڪري سياسي پارٽين کي اليڪشن جو اهل قرار ڏنو، بعد ۾ ان حوالي سان قانون سازي پڻ ٿي پر عدالتي تشريح پهريان هئي، ان عدالتي تشريح کي آئين ٻيهر لکڻ نه چيو ويو.
چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ پڇاڻو ڪيو ته جج ڪير ٿيندو آهي چوڻ وارو ته ميمبر باغي ٿيو؟ پارٽيءَ جي سربراهه کي اختيار آهي ته ڪنهن کي باغي ٿيڻ جو ڊڪليئريشن ڏئي يا نه ڏئي، اسيمبلي ميمبر يا سياسي پارٽيون ڪنهن جج يا چيف جسٽس جي ماتحت ناهن، سياسي پارٽيون پنهنجي سربراهه جي ماتحت هونديون آهن.
جسٽس امين الدين خان پڇيو ته پارلياماني پارٽي جي سربراهه جي چونڊ ڪير ڪندو آهي؟ جنهن تي بئريسٽر علي ظفر چيو ته پارليامينٽ ميمبر پنهنجي پارلياماني ليڊر جي چونڊ ڪندا آهن، جنهن تي جسٽس جمال مندوخيل چيو ته ووٽ ڪاسٽ ڪرڻ جو حق تي پارليامينٽ ميمبر جو آهي، اِهو حق سياسي پارٽي جو حق ڪئين چئي سگهجي ٿو؟
چيف جسٽس پيپلزپارٽي جي وڪيل فاروق ايڇ نائيڪ کان سوال ڪيو ته اوهان ٻڌايو ته پارلياماني پارٽي يا پارلياماني ليڊر ۾ ڪهڙو فرق هوندو آهي، جنهن تي فاروق ايڇ نائيڪ چيو ته اليڪشن ايڪٽ تحت پارٽي چونڊيون ٿينديون آهن جنهن ذريعي پارٽي سربراهه جو فيصلو ٿيندو آهي.
بئريسٽر علي ظفر عدالت کي ٻڌايو ته اسيمبلي ميمبرن ووٽ ڏيڻ يا نه ڏيڻ جي هدايت پارلياماني پارٽي ڏيندي آهي، پارلياماني پارٽي جي هدايت تي عمل نه ڪرڻ تي پارٽي سربراهه نااهلي جو ريفرنس موڪلي سگهي ٿو، جنهن تي چيف جسٽس چيو ته ان حساب سان ته پارٽي خلاف ووٽ ڏيڻ آپگهاتي حملو آهي، ووٽ به نه ڳڻيو ويندو ۽ سيٽ تان به هٿ ڌوئڻو پوندو، جيڪڏهن ڪو پارٽي پاليسي سان متفق نه هجي ته استعيفيٰ ڏئي سگهي ٿو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.