سپريم ڪورٽ آرٽيڪل 63 اي بابت فيصلو ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) سپريم ڪورٽ آئين جي آرٽيڪل 63 اي بابت ڪيس جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو.
چيف جسٽس پاڪستان قاضي فائز جي سربراهي ۾ پنج رڪني لارجر بئنچ آئين جي آرٽيڪل 63 اي جي تشريح بابت نظرثاني اپيلن تي ٻڌڻي ڪئي.
چيف جسٽس نظرثاني اپيلن تي فيصلو ٻڌائيندي چيو ته سپريم ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جي نظرثاني اپيل متفقه طور تي منظور ڪئي وئي آهي، ڪيس جو تفصيلي فيصلو بعد ۾ جاري ڪيو ويندو.
چيف جسٽس چيو ته آرٽيڪل 63 اي جي تشريح واري ڪيس ۾ جسٽس مظهر عالم جو اختلافي نوٽ ٽيهه جولاءِ تي آيو جڏهن ته بئنچ جي اڪثريت تفصيلي فيصلو 14 آڪٽوبر تي جاري ڪيو، جسٽس مظر عالم کي پنهنجي ذميواري جو احساس هيو.
جسٽس جمال مندوخيل رمارڪس ڏنا ته اڪثريتي فيصلي ۾ چيو ويو ته ووٽ وجهڻ ۽ ڳڻڻ ۾ فرق آهي، ڇا آئين ۾ ووٽ ڪاسٽ ڪرڻ ۽ شمار ٿيڻ جو فرق لکيل آهي؟
ايڊيشنل اٽارني جنرل عدالت کي ٻڌايو ته آرٽيڪل 63 اي جي تشريح بابت فيصلو تضادن سان ڀريل آهي، هڪ پاسي چيو ويو ته ووٽ بنيادي حق آهي، گڏوگڏ بنيادي حق پارٽي جي هدايت تي ختم به ڪيو ويو.
پيپلز پارٽي جي وڪيل فاروق ايڇ نائيڪ چيو ته حسبه بل ڪيس موجب ريفرنس تي راءِ جنهن گهري ان تي راءِ جي پابندي لازم آهي،
چيف جسٽس پڇاڻو ڪيو ته جيڪڏهن صدر راءِ تي عمل نه ڪري ته ڇا سندس خلاف ڪارروائي ٿي سگهي ٿي؟ جنهن تي فاروق ايڇ نائيڪ چيو ته عدالت صدر خلاف ڪارروائي نٿي ڪري سگهي.
وڪيل فاروق ايڇ نائيڪ چيو ته 63 اي ڪيس ۾ اقليتي ججن جو فيصلو پهريان جاري ٿيو.
سپريم ڪورٽ آرٽيڪل 63 اي نظرثاني ڪيس جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏيندي متفقه طور تي نظرثاني درخواستون منظور ڪري ورتيون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.