بابر اعظم جي ڪپتاني ڇڏڻ جو سبب سامهون اچي ويو

گذريل رات اوچتو پاڪستان جي وائيٽ بال ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم پنهنجي عهدي تان استعيفيٰ ڏيڻ جو اعلان ڪيو، اِها خبر اهڙي وقت ۾ سامهون آئي آهي جڏهن چيمپيئنز ٽرافي جيڪا پاڪستان جي ميزباني هيٺ ٿيڻي آهي ۾ باقي ڪجهه مهينا بچيا آهن.
بابر اعظم جي قومي ٽيم جي قيادت ڇڏڻ واري فيصلي ڪيئي سوال اُٿاري ڇڏيا آهن، پر بابر اعظم ڪپتاني ڇو ڇڏي ان حوالي سان اهم تفصيل سامهون آيا آهن.

ذريعن موجب، بورڊ اختيارين پاران بابر اعظم کي ڪپتاني ڇڏڻ جو نه چيو ويو هو، هيڊ ڪوچ گيري ڪرسٽن بابر اعظم کي هڪ ڏينهن واري ڪرڪيٽ ۾ ڪپتان طور ڏسڻ جو خواهشمند هو پر ٽي ٽوئنٽي ٽيم لاءِ نئين ڪپتان جي ڳولا شروع ڪري ڇڏي هئي.
وائيٽ بال ٽيم جي هيڊ ڪوچ گيري ڪرسٽن جولاءِ ۾ ئي ٽي ٽوئنٽي ڪپتان جي تبديلي جو اشارو ڏئي ڇڏيو هو، هن ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ پاڪستان جي ڪارڪردگي بابت رپورٽ پيش ڪندي مختصر فارميٽ لاءِ نئين ڪپتان جي تجويز پيش ڪئي هئي.
ذريعن موجب، ڪنيڪشن ڪئمپ جي موقعي تي گيري ڪرسٽن بابر اعظم کي ون ڊي ۾ ڪپتاني ڪرڻ لاءِ قائل ڪندو رهيو پر بابر اعظم رانديگرن پاران سندس عزت نه ڪرڻ جو سبب ڄاڻائي ڪپتاني ڇڏڻ جو حتمي فيصلو ڪري چڪو هو.
ورلڊ ڪپ کانپوءِ بورڊ بابر اعظم سان ڪنهن به قسم جو رابطو نه رکيو، ان دوران بابر کي ڪنهن به مشاورتي عمل جو به حصو نه بڻايو ويو، جڏهن ته استعيفيٰ ڏيڻ کان اڳ بابر اعظم بورڊ جي هڪ اعلي عهديدار کي پنهنجي فيصلي بابت آگاهه ڪيو.
ذريعن موجب، بابر اعظم پاران قومي ٽيم جي ڪپتاني ڇڏڻ کانپوءِ وڪيٽ ڪيپر محمد رضوان ون ڊي ٽيم جي قيادت لاءِ مضبوط ترين اميدوار بڻجي ويو آهي.
قومي ٽيم جي مستقبل کي نظر ۾ رکندي ٽي ٽوئنٽي ٽيم لاءِ نئون ڪپتان آڻڻ گيري ڪرسٽن جي ذميواري آهي، جڏهن ته مختصر فارميٽ جي قيادت لاءِ نوجوان وڪيٽ ڪيپر بيٽر محمد حارث جو نالو گردش ڪري رهيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.