اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ملازمت ۽ وزٽ ويزا تي يو اي اي ويندڙ پاڪستانين لاءِ اهم هدايتون جاري ڪيون ويون آهن، جنهن ۾ خبردار ڪيو ويو آهي ته قانون جي ڀڃڪڙي جا سنگين نتيجا هوندا.
ملازمت يا وزٽ ويزا تي گڏيل عرب امارتن ۾ ويندڙ پاڪستانين لاءِ خاص پيغام جاري ڪيو ويو، هدايت نامي ۾ چيو ويو آهي ته سوشل ميڊيا تي اهڙيون پوسٽون شيئر ڪرڻ کان پاسو ڪيو وڃي، جن سان مذهبي جذبا مجروح ٿين ۽ غير اخلاقي يا انساني سمگلنگ بابت مواد اپ لوڊ نه ڪيو وڃي.
هدايتن موجب ٻين ملڪن جي پاليسين تي تنقيد وارين پوسٽن کان پاسو ڪيو وڃي، گڏوگڏ احتجاج يا ڌمڪي جي حوالي سان سوشل ميڊيا تي پوسٽ نه ڪئي وڃي.
هدايت نامي ۾ چيو ويو آهي ته بنا اجازت ڪنهن جي تصوير يا وڊيوز شيئر نه ڪيو، حساس علائقن جون تصويرون نه ڪڍو ۽ ٻين جي رازداري جو احترام ڪيو، جڏهن ته افواهن تي ٻڌل يا گمراهه ڪندڙ ڄاڻ پکيڙڻ کان پاسو ڪيو.
هدايت نامي موجب منشيات ۽ پابندي پيل شين تي ٻڌل دوائن جي استعمال کان سختي سان پرهيز ڪيو.
دبئي ۾ پاڪستاني قونصل جنرل حسين محمد خبردار ڪيو آهي ته گڏيل عرب امارتن ۾ قانون جي ڀڃڪڙي جا سنگين نتيجا ٿي سگهن ٿا، جن ۾ جيل، ڳرو ڏنڊ ۽ ملڪ مان نيڪالي شامل آهي.
You might also like