رٿائون مڪمل ٿيڻ بعد ڪراچي نئون شهر بڻجي ويندو:وڏو وزير

ڪراچي( رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه  چيو آهي ته سنڌ حڪومت ڪراچي جي مسئلن تي ڀرپور ڌيان ڏئي رهي آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ هن چيو ته هو عوام کي سهولت فراهم ڪرڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪري رهيا آهن، شهر جي روڊن جي مرمت جو ڪم برساتن کانپوءِ ئي شروع ڪيو ويو. مراد علي شاهه چيو آهي ته سنڌ حڪومت روڊن جي مرمت لاءِ ڪي ايم سي کي ڏيڍ ارب رپيا جاري ڪيا آهن، ڪراچي ۾ مختلف منصوبن تي 200 ارب رپيا خرچ ڪيا پيا وڃن. مراد علي شاهه اهو به چيو آهي ته ڪراچي بندرگاهه کان ڄام صادق پل تائين هڪ ٻئي ايڪسپريس وي جي رٿابندي ڪئي پئي وڃي، جيڪڏهن ٽرانسپورٽ، روڊ سيڪٽر، سيف سٽي ۽ ڪي فور جهڙا منصوبا مڪمل ٿي ويا ته ڪراچي خوبصورت ۽ جديد شهر بڻجي ويندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.