تهران (ويب ڊيسڪ) حزب الله سربراهه حسن نصرالله جي شهادت کانپوءِ ايران جو سپريم ليڊر آيت الله علي خامنه اي محفوظ هنڌ منتقل ٿي ويو، جڏهن ته هن پنهنجي بيان ۾ مسلمانن کي حزب الله جو ساٿ ڏيڻ جي اپيل ڪئي آهي.
پرڏيهي ميڊيا ايراني ذريعن جو چوڻ آهي ته آيت الله خامنه اي کي اڻڄاتل هنڌ منتقل ڪيو ويو آهي ۽ ان جي سيڪيورٽي وڌيڪ سخت ڪئي وئي آهي.
ايراني عهديدارن ٻڌايو ته آيت الله خامنه اي کي ملڪ اندر ئي محفوظ هنڌ منتقل ڪيو ويو آهي، ايران حزب الله جي اڳواڻن ۽ انهن جي ٻين اتحادين سان رابطي ۾ آهي ته جيئن اڳتي جي حڪمت عملي جوڙي سگهجي.
هوڏانهن آيت الله خامنه اي پنهنجي بيان ۾ چيو ته اسرائيل کي سمجهڻ جي ضرورت آهي ته اهو حزب الله جي مضبوط اسٽرڪچر کي نقصان پهچائڻ جو اهل ناهي، خطي ۾ سموريون مزاحمتي طاقتون حزب الله سان گڏ بيٺيون آهن ۽ مڪمل سهڪار ڪري رهيون آهن.
هن مسلمانن کي اپيل ڪئي ته اهي متحد ٿي لبنان جي عوام ۽ حزب الله سان گڏ بيهن.
ايراني سپريم ليڊر محفوظ هنڌ منتقل، مسلمانن کي حزب الله جو ساٿ ڏيڻ جي اپيل
You might also like