اسلام آباد (و يب ڊيسڪ ) اليڪشن ڪميشن سپريم ڪورٽ جي مخصوص سيٽڻ تي 8 ججن جي 14 سپيٽمبر واري وضاحتي حڪمنامي تي نظرثاني درخواست داخل ڪري ڇڏي.
اليڪشن ڪميشن طرفان داخل ڪيل درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته عدالتي فيصلي تي دير جو ذميوار اليڪشن ڪميشن ناهي، 12 جولاءِ واري فيصلي جي وضاحت لاءِ 25 جولاءِ تي درخواست داخل ڪئي، سپريم ڪورٽ 14 سپٽيمبر تي وضاحتي آرڊر جاري ڪيو.
درخواست ۾ اِهو به چيو ويو آهي ته تحريڪ انصاف جي دستاويزن تي عدالت اليڪشن ڪميشن کي نوٽيس جاري ناهي ڪيو، عدالت تحريڪ انصاف جي دستاويزن تي ڪميشن کان جواب طلب ناهي ڪيو، اليڪشن ڪميشن طرفان داخل وضاحت جي درخواست کانپوءِ پارليامينٽ قانون سازي ڪري ڇڏي.
اليڪشن ڪميشن طرفان درخواست ۾ استدعا ڪئي وئي آهي ته عدالت 14 سپٽيمبر واري وضاحتي حڪمنامي تي نظرثاني ڪري.
اليڪشن ڪميشن موقف اختيار ڪيو ته سپريم ڪورٽ جو مخصوص سيٽن بابت فيصلو مفروضن تي ٻڌل آهي، سپريم ڪورٽ تشريح جي آڙ ۾ آئين کي ٻيهر نٿي لکي سگهي، سپريم ڪورٽ تفصيلي فيصلي ۾ پنهنجي 12 جولاءِ وارين هدايتن تي ڀڃڪڙي ڪئي، تفصيلي فيصلي ۾ سپريم ڪورٽ 41 ميمبرن کي تحريڪ انصاف تائين محدود ڪري ڇڏيو، آزاد ميمبرن جي سياسي پارٽي ۾ شموليت جو مدو ٽي ڏينهن آهي، سپريم ڪورٽ ميمبرن کي 15 ڏينهن ڏئي آئين جا لفظ بدلائي ڇڏيا.
اليڪشن ڪميشن چيو ته آزاد ميمبرن سني اتحاد ڪائونسل ۾ شموليت جا حلفي بيان جمع ڪرايا، عدالتي فيصلي ۾ ميمبرن جي حلفي بيان کي مڪمل نظر انداز ڪيو ويو، جيڪڏهن بئريسٽر گوهر جا سرٽيفڪيس به درست مڃيا وڃن تڏهن به پي ٽي آءِ ميمبرن جو انگ 39 نٿو ٿئي، اميدوارن طرفان سيڪشن 66 تحت پارٽي سان وابستگي جي ڊڪليئريشن جمع نه ڪرائي وئي، رولز 94 چونڊ نشان واري سياسي پارٽي لاءِ آهي.
اليڪشن ڪميشن جو درخواست ۾ چوڻ هو ته پي ٽي آءِ ججز چيمبر ۾ دستاويز جمع ڪرايا جيڪي ڪڏهن به کليل عدالت ۾ پيش نه ڪيا ويا، تحريڪ انصاف کي مخصوص سيٽن جو رليف نٿو ڏئي سگهجي، تحريڪ انصاف ڪنهن فورم تي پنهنجي حق جي دعويٰ ناهي ڪئي، سپريم ڪورٽ فل ڪورٽ جو فيصلو آهي دعويٰ نه ڪرڻ واري کي رليف نٿو ڏئي سگهجي.
اليڪشن ڪيمشن طرفان استدعا ڪئي وئي ته نظرثاني درخواست تي فيصلو اچڻ تائين اسٽي آرڊر جاري ڪيو وڃي.
” تشريح جي آڙ ۾ آئين ٻيهر نٿو لکي سگهجي“ اي سي پي پاران 8 ججن جي وضاحت تي نظرثاني درخواست داخل
You might also like