نيويارڪ ( ويب ڊيسڪ ) وزيراعظم شهباز شريف گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي کي اڄ خطاب ڪندو، اهم خطاب کان اڳ وزيراعظم طرفان نيويارڪ ۾ عالمي اڳواڻن سان ملاقاتن جو سلسلو جاري آهي.
وزيراعظم جي برطانوي هم منصب سرڪيئر اسٽارمر سان ملاقات دوران پاڪ-برطانيا لاڳاپن کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ ۽ واپار ۽ سيڙپڪاري وڌائڻ تي به اتفاق ڪيو.
وزيراعظم برطانوي هم منصب کي موسمياتي تبديلين جي هاڃيڪار اثرن سبب پاڪستان کي پيش مسئلن بابت آگاهه ڪيو .
وزير اعظم شهباز شريف يورپي ڪميشن جي صدر سان ملاقات ۾ گڏيل هدفن لاءِ لاڳاپا مضبوط بڻائڻ جو عزم ورجايو.
نيويارڪ ۾ گڏيل قومن جي اجلاس جي سائيڊ لائنز تي وزيراعظم بل اينڊ ملنڊا گيٽس فائونڊيشن جي باني بل گيٽس سان به ملاقات ڪئي.
ملاقات دوران وزيراعظم شهباز شريف پوليو جي خاتمي، ڊجيٽلائيزيشن ۽ مالي شموليت لاءِ گيٽس فائونڊيشن جي سهڪار کي ساراهيو.
وزيراعظم جنرل اسيمبلي جي سائيڊ لائين تي فلسطيني صدر محمود عباس سان ملاقات ۾ اسرائيلي جارحيت خلاف فلسطينن جي حمايت جاري رکڻ جو عزم ورجائيندي چيو ته فلسطينن جي قربانيون رائيگان نه وينديون.
وزيراعظم شهباز شريف ۽ ايراني صدر مسعود پزشڪيان وچ ۾ ملاقات دوران گڏيل فلسطين، لبنان مسئلي سميت گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي .
ان کانسواءِ وزيراعظم جي آمريڪي بئنڪارن ۽ پاڪستاني بزنس ڪائونسل جي عهديدارن سان به ملاقات ٿي، ملاقات دوران پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ۽ ڪاروبار کي هٿي ڏيڻ بابت ڳالهه ٻولهه ٿي.
ڪاروباري شخصيتن سان ملاقاتن بابت سڌ سماءُ واري وفاقي وزير عطاءَ تارڙ چيو ته پاڪستان ۾ سيڙپڪاري وڌائڻ بابت معاملن تي ويچاريو ويو.
پاڪستان ۾ آمريڪا جي اڳوڻي سفير اين پيٽرسن چيو ته ملاقات فائديمند رهي، وزيراعظم ليڊرشپ فارپيس مباحثي کي خطاب پڻ ڪيو. پنهنجي خطاب ۾ هن چيو ته اسرائيل کي غزا ۾ نسل ڪشي روڪڻ تي مجبور ڪرڻو پوندو.
You might also like