تل ابيب ( ويب ڊيسڪ ) اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو جو آمريڪا، اتحادي ۽ عرب ملڪن پاران لبنان جنگبندي مطالبو مڃڻ کان صاف انڪار ڪندي چيو آهي ته لبنان تي حملا جاري رهندا، حزب الله کي پوري قوت سان نشانو بڻايو ويندو، جنگبندي نه ٿيندي.
اسراِئيلي فوج بيروت تي بمباري ۾ حزب الله ڪمانڊر محمد حسين سروس کي شهيد ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي.
اسرائيلي جنگي جهازن جي لبنان/شام جي سرحدي علائقي تي حملي ۾ ٽيويهه شامي شهري شهيد ٿي ويا، چئن ڏينهن کان جاري حملن ۾ 690 کان وڌيڪ شهري شهيد ۽ پنج لک بي گهر ٿي چڪا، جڏهن ته لبناني مزاحتمي تنظيم حزب الله صيهوني جارحيت تي ردعمل ڏيندي اسرائيل تي جوابي حملن ۾ ڏيڍ سئو ميزائل حملا ڪيا آهن.
هواڏنهن لبنان ۾ پيجر ڌماڪن جي جاچ ۾ ناروي پوليس ڀارتي ڄائي نارويجيئن شهري رونس جوز جي بين القوامي ڳولا جي درخواست ڪري ڇڏي آهي.
آمريڪا جي دوري تي ويل جوز گذريل هفتي کان لاپتا آهي، رنسن حزب الله کي پيجر وڪرو ڪندڙ سهولتڪار ڪمپني جو باني آهي.
اسرائيلي بچاءَ واري وزارت جو چوڻ آهي ته خطي ۾ فوجي برتري لاءِ آمريڪا اسرائيل کي اٺ ارب ستر ڪروڙ ڊالرز جي فوجي امداد ڏئي رهيو آهي.
واضح رهي ته لبنان ۽ اسرائيل ۾ جاري جنگ کي روڪڻ لاءِ آمريڪا ۽ فرانس طرفان 21 ڏينهن جنگبندي جي تجويز سامهون آئي آهي جنهن جي ٻين ملڪن پڻ حمايت ڪئي آهي.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽس موجب، يورپي يونين، آسٽريليا، ڪئناڊا، اٽلي، جرمني، جپان، سعودي عرب، يو اي اي ۽ قطر به فرانس ۽ آمريڪا طرفان پيش ڪيل گڏيل جنگبندي واري تجويز جي حمايت ڪئي آهي.
نيتن ياهو جو آمرڪا، اتحادي ۽ عرب ملڪن جو لبنان جنگبندي وارو مطالبو مڃڻ کان انڪار
Prev Post
You might also like