بئريسٽر سيف جي گورنر ڪي پي تي ڇتي تنقيد

پشاور (ويب ڊيسڪ ) وزيراعظم کي خط لکڻ واري معاملي تي خيبرپختونخوا حڪومت جي سڌ سماءَ بابت صلاحڪار بئريسٽر محمد علي سيف چيو ته گورنر ڪي پي وزيراعظم کي خط ضرور لکي پر کيس پنهنجي ذميوارين جو احساس به ڏياري.
فيصل ڪريم ڪنڊي جي بيان تي ردعمل ڏيندي بئريسٽر سيف چيو ته گورنر وفاقي حڪومت کي صوبي ۾ امان امان جي صورتحال بابت بيان بازي بدران عملي قدم کڻڻ جي هدايت ڪري ۽ وفاق کي سمجهائي ته ڪراس بارڊر دهشتگردي روڪڻ وفاق جي ذميواري آهي.
هن چيو ته گورنر وزيراعظم کي صوبي جي رهتن بابت پڻ آگاهه ڪري ۽ خط ۾ بجلي ۽ گئس جي لوڊشيڊنگ وارا مسئلن جي به نشاندهي ڪري.
صوبائي صلاحڪار چيو ته گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي وزيراعظم کي لکي ته خيبرپختونخوا به پاڪستان جو حصو آهي تنهنڪري ڪي پي ڪي سان ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ نه رکو.
بئريسٽر سيف فيصل ڪريم کي تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو ته گورنر پنهنجي نوڪري بچائڻ لاءِ چغلي هڻندڙ نالائق ٻار بڻجي ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.