ڪي پي حڪومت جو آءِ ايم ايف سان معاهدي تي خدشن جو اظهار

پشاور (ويب ڊيسڪ ) خيبرپختونخوا حڪومت عالمي مالياتي اداري ( آءِ ايم ايف ) سان طئي ٿيل معاهدي جي ڪجهه نڪتن تي خدشن جو اظهار ڪيو آهي.
خيبرپختونخوا سرڪاري جي ناڻي بابت صلاحڪارمزمل اسلم پنهنجي بيان ۾ چيو ته گذريل ڏينهن ڪابينا اجلاس ۾ قومي مالياتي معاهدي جي ڪجهه نڪتن تي خدشن جو اظهار ڪندي وضاحت طلب ڪئي آهي.
سندس چوڻ هو ته صوبائي ڪابينا طرفان خدشا وفاقي حڪومت ڏانهن موڪلڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي، خدشن تي وفاقي حڪومت جي وضاحت خيبرپختونخوا جي وڏي وزير کي پيش ڪئي ويندي.
مزمل اسلم چيو ته صوبائي ڪابينا آءِ ايم ايف پيڪيج جي منظوري سٺو سنئوڻ قرار ڏنو آهي، جڏهن ته ڪجهه نڪتن تي خدشن جو اظهار ڪيو آهي.
ياد رهي ته ٻه ڏينهن اڳ آءِ ايم ايف جي ايگزيڪٽيو بورڊ اجلاس ۾ پاڪستان لاءِ ست ارب ڊالر قرض جي منظوري ڏني وئي هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.