ڪراچي (ويب ڊيسڪ ) ڪراچي جي ميئر مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته ڪي فور منصوبي منظور ٿي ويو آهي شهر ۾ جلد اربين رپين جو ڪم شروع ڪيو ويندو، مارچ 2025ع ۾ ڪم شروع ٿي ويندو.
ميئر مرتضيٰ وهاب ڪراچي ۾ سينٽر آف ريسرچ اينڊ انوويشن سينٽر جو افتتاح ڪرڻ بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته ڪراچي ۾ ڊسمبر تائين 29 ڪلوريشن سينٽر مڪمل ڪري فعال ڪيا ويندا.
سندس چوڻ هو ته هڪ سال ۾ ان سينٽر کي مڪمل ڪيو ويندو.
سندس چوڻ هو ته ڪراچي ۾ 29 ڪوريشن سينٽر ٺاهيا ويندا، ڊسمبر تائين 29 ڪلوريشن سينٽر مڪمل ڪري فعال ڪيا ويندا.
مرتضيٰ وهاب چيو ته شهر ۾ چار نوان ڪسٽمبر فيسٽليشن سينٽر ٺاهيا ويندا.
سندس چوڻ هو ته اهي ڪراچي ۾ پاڻي جي مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ قدم کڻي رهيا آهن.
هن چيو ته لائن لاسز ختم ڪرڻ لاءِ ڌاٻيجي تي ڪم هلي رهيو آهي، هنن کي هزارين لکين گيلن پاڻي ضايع ٿيڻ کان بچائڻو آهي.
مرتضيٰ وهاب چيو ته حب ڊيم مان نوان ڪينال به وڌا پيا وڃن، نون ڪينالن تي ڪم شروع ٿي ويو آهي، 12 مهينن ۾ منصوبو مڪمل ٿي ويندو.
هن چيو ته پاڪستان ۾ پاڻي کي ري سائيڪل ڪرڻ جي منصوبي تي ڪم شروع نه ٿيو هو، ٽي پي ٿري کي وڏي عرصي کانپوءِ آپريشنل ڪيو.
مرتضيٰ وهاب چيو ته ساڍا ٽي ڪروڙ گيلن پاڻي کي هن وقت اهي ٽريٽ ڪري رهيا آهن، پاڻي کي صنعتي استعمال ۾ آڻڻ لاءِ قدم کڻي رهيا آهن، ٻه ڏينهن اڳ ري سائيڪل ٿيل پاڻي بابت رپورٽ آهي جنهن ۾ پاڻي کي صاف قرار ڏنو ويو آهي.
هن چيو ته پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو هو ته ڪراچي ۾ حڪومت ملي ته پاڻي سميت سمورا مسئلا حل ڪيا ويندا.
هن چيو ته اهي رڳو ڳالهيون ڪرڻ بدران ڪم ڪري رهيا آهن جيڪو ڪراچي واسين کي نظر ايندو.
You might also like