افتخار چوڌري ۽ ثاقب نثار عدالتي نظام تي بدنما داغ آھن: شرجيل ميمڻ

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ جي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آھي تھ آئيني عدالتن جو قيام پيپلز پارٽي جو پراڻو مطالبو ھو، ميثاق جمھوريت تي صحيحن وقت بھ آئيني عدالتون قائم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ھو، پ پ چاھي ٿي تھ عوام کي فوري ۽ گھر جا چائنٺ تي انصاف ملي سگھي. ايڪسپو سينٽر  ڪراچي ۾ متبادل توانائي جي حوالي سان پاڪستان سسٽينبلٽي ويڪ نالي نمائش جي افتتاح بعد ميڊيا سان ڳالھائيندي شرجيل انعام ميمڻ چيو تھ گذريل ڏينھن سورنھن ورھين بعد شھيد محترمھ بينظير ڀٽو  جي قتل ڪيس جي ٻڌڻي ٿي ۽ پوءِ اڻڄاتل مدي تائين ملتوي ڪئي وئي، عدالتن وٽ شھيد بي بي قتل جي ڪيس لاءِ وقت ناھي، ڇا ھي اسان لاءِ شرمناڪ ناھي، هن چيو ته افتخار چوڌري ۽ ثاقب نثار ملڪ جي عدالتي نظام تي بدنما داغ آھن، هنن ھن ملڪ سان جيڪو ڪجھھ ڪيو اُن تي کين اڳوڻو چيف جسٽس بھ نھ ڪوٺيو وڃي، کانئن ڏنل رعايتون بھ واپس ورتيون وڃن، ثاقب نثار ٻڌائي تھ آئين ۾ ڪٿي لکيل آھي تھ ڊيم ٺاھڻ سندس ڪم آھي؟ ھن چيو تھ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ھجي يا جسٽس منصور علي شاھھ، اسان لاءِ ٻئي احترام جوڳا آھن، ڪو بھ جج يا چيف جسٽس اچي وڃي اسان کي ڪوبھ فرق نھ ٿو پوي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.